سکر

سکر: ٽرين مسافر ڪوچ سان ٽڪرائجي ويئي، 18 ڄڻا مارجي ويا، 60 زخمي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ويب ڊيسڪ
Pakistan Express collide with passenger busروهڙي ويجهو هينانءُ ڏاريندڙ حادثو، 18 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪراچي کان پنجاب جي شهر سرگوڌا ويندڙ مسافر ڪوچ ان وقت خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جڏهن ڪوچ کليل ڦاٽڪ وٽان ريلوي ٽريڪ تان گذري رهي هئي ته ٽرين جي زد ۾ اچي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ مسافر ڪوچ مڪمل طور تباهه ٿي وئي ۽ ان ۾ سوار بدنصيب مسافرن کي به تمام گهڻو جاني نقصان پهتو، صحت کاتي جي اختيارين ۽ ضلعي انتظاميه موجب 5 عورتن سميت 15 لاش روهڙي ۽ 3 لاش سکر منتقل ڪيا ويا آگهن، جڏهن ته حادثي ۾ ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي جو ڪارڻ بڻجي ويل ٽرين پاڪستان ايڪسپريس ڪراچي کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي. حادثي بعد ٽرين بيهجي وئي، جنهن سبب ٽرين ۾ سوار مسافر به خوف ۾ وٺجي ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button