خيرپور ناٿن شاھ

تعليمي ادارن ۾ خدمت ڪرڻ سڀ کان پهرين ترجيح آهي، ڪي ڪي ڏيرو

وفا معشوق علي کوکر
خيرپورناٿن شاه

ڪي اين شاهه ۾ آڪسفورڊ گرامر هاءاسڪول ۾ تعليمي سرگرمين بابت ايوارڊ تقريب،ايڊووڪيٽ ڪي ڪي ڏيرو پاران ڇهين ستين اٺين نائين ۽ ڏهين جي پوزيشن هولڊرز شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ايوارڊ ڏنا ويا، ڇهين کان ڏهين تائين شاگردن کي سوين ٽي شرٽون ڏنيون ويون،

تعليمي ادارن کي سگهارو بڻائڻ لاء ڪوشان آهيان، تعليمي ادارن ۾ خدمت ڪرڻ سڀ کان پهرين ترجيح آهي، آڪسفورڊ گرامر اسڪول تعليمي لحاظ سان اڳڀرو آهي، جنهن معياري تعليم سان پنهنجو نالو ڪمايو آهي: ايڊووڪيٽ ڪي ڪي ڏيرو:
KN Shah News
خبرموجب: خيرپورناٿن شاهه ۾ آڪسفورڊ گرامر هاء اسڪول ۾ تعليمي سرگرمين جي حوالي سان تقريب ٿي گذري، جنهن تقريب جي صدارت تعلقه بارايسوسيئيشن ڪي اين شاهه جي جنرل سيڪريٽري ۽ ضلع ڪائونسل دادو جي ميمبر ايڊووڪيٽ ڪي ڪي ڏيرو پڻ ڪئي، ضلع ڪائونسل ميمبر ۽ تعلقه بارايسوسيئيشن ڪي اين شاهه جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ڪي ڪي ڏيرو پاران ڇهين ستين اٺين نائين ڏهين ڪلاسن جي پوزيشن هولڊرز شاگردن شاگردياڻين ارسلان ٻرڙو، وقاص ظفر ٻگهيو،مهراڻ علي پنهور، سيد محمد حيدر، سرفراز علي گاڏهي، عفت ڏيرو، حرمين اعواڻ زين ٻرڙو، مبشرشيخ، سرفراز علي لاکير ۽ ٻين سوين شاگردن کي ايوارڊ ڏنا ويا،
جڏهن ته ڇهين کان ڏهين جماعت جي 400 کان وڌيڪ شاگردن کي ٽي شرٽون پڻ ڏنيون ويون، ان موقعي تي تعلقه بار ايسوسيئيشن جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ڪي ڪي ڏيرو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جديد دور ۾ شعوري ماحول جوڙڻ لاء تعليمي ادارن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ جي ضرورت آهي، تعليمي ادارن ۾ خدمت ڪرڻ منهنجي سڀ کان پهرين ترجيح آهي، هن وڌيڪ چيو ته آڪسفورڊگرامر هاء اسڪول جي انتظاميه جي ڪوششن ۽ خدمتن سان آڪسفورڊ هاء اسڪول تعليمي لحاظ سان ادارو تمام گهڻو اڳڀرو آهي، هن چيو ته شاگردن ۾ شعور ڏيڻ لاء سندن کي ايوارڊ انعام ۽ حوصلا افزائي به ضروري آهي، جنهن عمل سان نوجوان شاگردن جي ذهني صلاحتين ۾ اضافو ٿئي ٿو، اڄ جا نوجوانن مستقبل جا معمارپڻ آهن، جيڪي معياري تعليم سان اڳتي نڪري پنهنجي ملڪ جو نالو روشنڪري سگهن ٿا، ان موقعي تي آڪسفورڊ هاء اسڪول جي اونرس فيض محمد بلوچ، حاڪم علي بلوچ ۽ پرنسيپال رضا محمد بلوچ ۽ ٻين تعلقه بارايسوسيئشن جنرل سيڪريٽري ۽ ضلع ڪائونسل دادو ميمبر ايڊووڪيٽ ڪي ڪي ڏيرو جو شڪريو ادا ڪندي هنن خطاب ڪندي چيو ته تعليمي ادارن ۽ سماج جي خدمت ڪرڻ تي اسين ايڊووڪيٽ ڪي ڪي ڏيرو کي سلام پيش ڪيون ٿا، هنن چيو ته اسين معياري تعليمي خدمتن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون هتان جا شاگرد ابتدائي معياري تعليم پرائي سٺي منزل حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪي ڪوششون پڻ جاري آهن، تقريب کان اڳ مهمان خاص ايڊووڪيٽ ڪي ڪي ڏيرو جو اسڪول آمد ٿيڻ وقت اسڪول انتظامياپاران شانائتو آڌر ڀاءُ ڪري گلن جي ورکا ڪري زبردست استقبال ڪيو ويو۔

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button