مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس ۾ ڪمپيوٽر الائونس لاءِ ٽيسٽ ٿي گذري.

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس، خيرپور جي ملازمن کي ڪمپيوٽر الائونس ڏيڻ لاءِ ڪمپوٽر لٽريسي IMG 5719ٽيسٽ منعقد ڪئي وئي. ڊاڪٽر لياقت علي ٿيٻو، اسسٽنٽ پروفيسر سافٽويئر انجنيئرنگ ڊپارٽمينت جي سربراھي ۾ جوڙيل ڪمپيوٽر لٽريسي ٽيسٽ ڪاميٽي پاران ٽيسٽ ورتي وئي. ٽيسٽ پاس ڪندڙ ملازمن کي يونيورسٽي جي پاليسي مطابق ڪمپيوٽر الائونس ڏنو ويندو. ٽيسٽ جي انتظامن جو جائزو وٺندي ڪيمپس جي پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد معظم بلوچ ڪاميٽي پاران ڪيل انتظامن کي ساراھيو ۽ ملازمن کي مخاطب ٿيندي چيو تھ ڪمپيوٽر لٽريسي ٽيسٽ جو مقصد ملازمن کي ڪمپوٽر جي استعمال لاءِ اتساھڻ آھي تھ جيئن انھن جي پروفيشنل واڌ ويجهھ ٿي سگهي. ان موقعي تي ڪاميٽي جا ميمبر، ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن ۽ پبلڪ ريليشن آفيسر پڻ گڏ ھيا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button