آرٽيڪل

وفاق جي ڏاڍ مڙسي

گورنر سنڌ عمران اسماعيل جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي تـ وفاق هاڻي ڪنهن بـ وفاقي منصوبي جا فنڊ سنڌ سرڪار کي نـ ڏيندي.

مير منصور احمد جمالي

تحريڪ انصاف جي سرڪار وفاقي منصوبا گورنر سنڌ عمران اسماعيل جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي تـ وفاق هاڻي ڪنهن بـ وفاقي منصوبي جا فنڊ سنڌ سرڪار کي نـ ڏيندي. وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري جو چوڻ آهي تـ اسان سرڪاري پئسا اومني گروپ جي حوالي نـ ٿا ڪري سگهون، مراد علي شاه اومني گروپ جو ملازم آهي جيڪڏهن اسان پئسا ڏنا تـ هميشه جيئان پئسا دبئي، آمريڪا يا لنڊن مان پيا برآمد ٿيندا. فواد چوڌري جو وڌيڪ چوڻ هو تـ ٻار ٻار کي خبر آهي تـ سنڌ جي بجيٽ جا 2 هزار ارب رپيا ڪيڏانهن ويا. ان جي جواب ۾ پ پ اڳواڻن  جو چوڻ آهي تـ وفاق پهريان ئي سنڌ سان مالياتي فنڊ ۾ ٻيائي ڪري رهيو آهي. ائين ڪرڻ سان وفاق ڪمزور ٿيندو ۽ صوبن ۾ بيچيني وڌندي. آئين جي آرٽيڪل 140 جي شق 3/1 موجب وفاق صوبن مان حاصل ٿيندڙ آمدني صوبن جي حوالي ڪندو جنهن کي استعمال ڪرڻ جو حق صوبائي سرڪار کي آهي. آئين جي آرٽيڪل 141 جي شق 1/1 موجب قدرتي گيس جي رائلٽي جنهن صوبي مان گيس نڪري ٿي ان جو حق آهي ان کي استعمال ڪرڻ جو حق وفاق کي ناهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت ڏاڍ مڙسي تحت سنڌ جا حق ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. تحريڪ انصاف پاران پهريان ئي گورنر راڄ جوڳالهيون ڪري سنڌ ۾ بيچيني واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي مٿان اهڙا بيان ڏئي سنڌ جي عوام کي وڌيڪ خوف ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي. سنڌ جو عوام تعليم، صحت، روزگار، سميت ترقياتي ڪمن وغيره ۾ پنهنجو آئيني، قانوني حق گهري ٿو. تحريڪ انصاف سرڪار کي گهرجي تـ ڪو اهڙو طريقيڪار جوڙي جنهن تحت سنڌ ۾ ڪم ٿين تـ جيئن سنڌ بـ خوشحال ٿي ۽ سنڌي ماڻهن مان احساس محرومي ختم ٿي. پر وفاقي سرڪار جا اهڙا قدم ان ڳاله جي نشاندهي ٿا ڪن تـ وفاقي سرڪار کي سنڌ جي عوام سان ڪا دلچسپي ڪانهي پر هو صرف سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. تحريڪ انصاف جيڪڏهن سنڌ ۾ پنهنجو ووٽ بينڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي تـ کين اهڙا بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ جي مسئلن تي خاص توجـ ڏئي هنگامي بنيادن تي سنڌ ۾ تعليم روزگار، صحت سميت ترقياتي پروگرام ڏئي. سنڌ جو ماڻهو سنڌ ۾ ترقي چاهي ٿو سنڌي عوام پهنجا حق گهري ٿو. سنڌي عوام پيپلزپارٽي کي هميشه جيان سنڌ جون حالتون سڌارڻ جو مينڊيٽ ڏنو پر گذريل 15 سالن جي سرڪار سنڌ جي حالت سڌارڻ بدران برباد ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جو ماڻهو بيزار ٿي چڪو آهي. هن وقت سنڌ جي عوام کي همدردي جي ضرورت آهي تحريڪ انصاف کي موقعي جو فائدو وٺي پنهنجي ڪمن ذريعي سنڌي ماڻهن جو همدرديون حاصل ڪرڻ گهرجن پر تحريڪ انصاف ان جي ابتڙ غلط قدم کڻي سنڌ جي عوام کي ويتر چيڙائي رهي آهي. عمران خان کي پنهنجي ادائن تي غور ڪرڻ گهرجي تـ جيئن سنڌ ۾ ان  جو ووٽ بينڪ مضبوط ٿي ۽ وفاق مضبوط ٿي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button