راڻي پور

جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ سالگرھه حضرت سچل سرمست جي درگاھ جي صحن۾ ملھائي

حضرت سچل سرمست جي مزار تي حاضري ڀري سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعاگھري وئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، راڻيپور

Advocate Ayaz Solangi celebrating his 28 birthday
اياز سولنگي پنھنجي 28 سالگرھ سچل سرمست جي درگاھ تي ملھائيندي

جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي مالياتي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ايازسولنگي جي28ھين سالگرھ سنڌجي عظيم صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست جي درگاھ جي صحن۾ ملھائي وئي سالگرھ جو ڪيڪ جسم جي مرڪزي مالياتي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ايازسولنگي.ايس ٽي پي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ذاڪر حسين سولنگي.ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ سجاد حسين سولنگي.ايس يوپي اڳواڻ عامر چنا.ٽائون ڪاميٽي سوڀو ديرو جي ڪائونسلر نسيم حيدر.اطھرعباس.سماجي اڳواڻ محمد اعظم.صحافي زاھد حسين.رحيم سولنگي.امداد لاڙڪ .ميان حيدرپيرزادو۽ٻين گڏجي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيوان موقعي تي ايڊووڪيٽ ايازسولنگي کي اجرڪن گلن جا تحفا ڏنا ويا ان موقعي تي ھنن خطاب ڪندي چيو ته ايازسولنگي سنڌ سان عشق ڪرڻ وارن مان ھڪ آھي جنھن پنھنجي ٻالڪپڻ کان ئي سيد جي فڪر سان سلهاڙيل رهيو آهي ھن سنڌجي خوشحالي لاءِ جاکوڙيندو پيو اچي ھن ننڍي عمر۾ سنڌدشمن منصوبن جي خلاف ڀرپور آواز اٿاريو آهي ان موقعي تي صوفياڻي محفل ۾ صوفي فنڪارن سچل سائين.جانڻ چن .مھدي سائين.لطيف سائين جا ڪلام ڳائي ٻڌندڙن مٿان وجد طاري ڪري ڇڏيو ان موقعي تي ڪيترائي نوجوان جهمريون پائي رھيا ھئاحضرت سچل سرمست جي مزار تي حاضري ڀري سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعاگھري وئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button