پڊعيدن

پڊعيدن: ڏيرن مان جان جو خطرو آھي، تحفظ ڏيو، ناري جو احتجاج

وقار راڄپر،پڊعيدن
پڊعيدن ۾ کوکر برادري جي ايڊيوڪيشن ۾ ملازم عورت شميم بانو زال مرحوم قربان علي کوکر جو ڏيرن جي ناجائزين موتمار ڌمڪين ۽ زمين تي قبضي Padidan woman protestingخلاف نيشنل پريس ڪلب پڊعيدن جي اڳيان احتجاجي مظاهرو؛منهنجي ڏيرن منهنجي زمين تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ منهنجي زمين جي مقاتيدار تي حملو ڪيو هاڻي هنن مان مونکي به خطرو آهي زمين منهنجي شهيد مڙس جي آهي،منهنجا ڏير بااثر آهن هنن منهنجو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي،مونکي ۽ منهنجي ٻچڙن کي انهن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي؛متاثر عورت شميم بانو کوکر؛

تفصيل موجب؛ پڊعيدن ۾ کوکر برادري جي ايڊيوڪيشن ۾ ملازم عورت شميم بانو زال مرحوم قربان علي کوکر جو پنهنجي ڏيرن جي ناجائزين موتمار ڌمڪين ۽ زمين تي قبضي خلاف نيشنل پريس ڪلب پڊعيدن جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي متاثر عورت شميم بانو زال مروحوم شهيد قربان علي کوکر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڏيرن ڪرامت کوکر ،جبار کوکر دانش کوکر ۽ مرادي کوکر منهنجي زمين تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ منهنجي زمين جي مقاتيدار بهاوالدين راڄپر تي حملو ڪيو ۽ ان کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو آهي هاڻي منهنجي ڏيرن مان مونکي ۽ منهنجي ٻچڙن کي به خطرو آهي هن چيو ته زمين منهنجي شهيد مڙس قربان کوکر جي آهي جنهن جي وارث مان ۽ منهنجو اولاد ويٺا آهيون اڳم به اسان جي برادري ۾ اسان جا فيصلا ٿيا آهن ان ۾ به زمين مونکي ملي آهي جيڪا مون مقادي تي ڏني آهي هاڻي وري منهنجا ڏير ان زمين تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ اسان سان طرح طرح جون جٺيون ڪري رهيا آهن متاثر عورت احتجاج ڪندي وزيري اعلا سنڌ ،آءِ جي سنڌ ،ڊي آءِ جي شهيدبينظير آباد ،ايس ايس پي نوشهروفيروز ،کان مطالبو ڪيو ته پاڻ مرادو نوٽيس وٺي مونکي ۽ منهنجي ٻچڙن کي انهن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي اگر مونکي يا منهنجي ٻچڙن کي ڪوبه نقصان پهتو ته ان جا ذميوارا منهنجا ڏير هوندا؛

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button