آرٽيڪل

آبادگارن جو معاشي قتل عام بند ٿيڻ گهرجي

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ فصل جو مناسب اگهه نه ملڻ سبب آبادگار تمام گهڻوپريشان نظر اچي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهو فصل جو مناسب اگهه نه ملڻ سبب احتجاج ڪري رهيا آهن ته ڪجهه وري پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي نظر اچي رهيا آهن

صاحب خان ڀٽي
Sahib Ali Bhattiسنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ فصل جو مناسب اگهه نه ملڻ سبب آبادگار تمام گهڻوپريشان نظر اچي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهو فصل جو مناسب اگهه نه ملڻ سبب احتجاج ڪري رهيا آهن ته ڪجهه وري پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي نظر اچي رهيا آهن، اهو سلسلو ڳچ عرصي کان جاري آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو هاري دنيا جي ڀيٽ تمام گهڻو مالي پريشان جي ور چڙهيل آهي ۽ سنڌ ۾ زراعت شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو خوشحال نظر نه اچي رهيا آهن، ڀاڻ ۽ ٻج مهانگو ٿيڻ سبب سندن فصل جو سمورو پيسو خرچ ٿي وڃي ٿو ۽ بيماري بڙي لاءِ به وٽن پيسا نه ٿا بچن، ان کان علاوه مارڪيٽ ۾ نقلي دوائون ۽ ڀاڻ ملڻ سبب سندن فصل به گهٽ ٿي رهيو آهي، ڀاڻ مهانگي ٿيڻ سبب کين فصل ڪو خاص فائدو نه ٿو ٿئي، هاڻ ته هارين کي ٻيڻ تي پريشاني ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ جو هڪ ته ٻج، ڀاڻ ۽ فصل جون دوائون مهانگيون ٿي ويون آهن ته مٿان وري پاڻي جي کوٽ به وڌي رهي آهي، خاص طور تي پڇڙي وارن کي پاڻي نه ملي رهيو آهي.
ڪجهه هارين کي پاڻي جون شڪايتون آهن ته ڪي وري چئي رهيا آهن ته درياهن ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رهي آهي، جنهن سبب سندن فصل تباهه ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو آهي، جيڪو هن وقت تائين حل نه ٿي رهيو آهي، رهي ڳالهه پاڻي چوري ڪرڻ جي ته پاڻي ان مهل ئي چوري ٿيندو آهي، جڏهن پاڻي جي کوٽ هوندي آهي، جيڪڏهن سنڌ کي حصي موجب پاڻي ملي ها ته پڇڙي وارا آبادگار پاڻي چوري جون دانهون نه ڪن ها، بهرحال هاڻ حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن،
جيڪڏهن پاڻي فصل کي نه مليو ته سنڌ جو آبادگار تمام گهڻو پريشانين جي ور چڙهي ويندو؟ هونئن به هن وقت آبادگار تمام گهڻو پريشان آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف کين پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ته مٿان وري ڏينهون ڏينهن ٽيڪسز ۾ به واڌ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب ٻج ۽ ڀاڻ تمام گهڻو مهانگو ٿيندو پيو وڃي، جڏهن فصل تيار ٿي ويندو آهي ته اگهه گهٽايا ويندا آهن ۽ آبادگارن کي ان جي ڪري تمام گهڻو نقصان ٿيندو آهي، هر شئي ڏينهون ڏينهن مهانگي ٿيندي پئي وڃي ته پر افسوس جو آبادگارن کي مناسب اگهه نه ملي رهيو آهي، ڪمند جا آبادگار به تمام گهڻو پريشان ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪمند تيار ٿي وڃڻ باوجود شگر ملز کين مناسب اگهه نه ڏئي رهيون آهن، ايتري قدر جو کوڙ سارن شگر ملز مالڪن ته هن وقت تائين پيڙائي به شروع نه ڪئي آهي، جنهن سبب سنڌ جو آبادگار احتجاج به ڪري رهيو آهي پر افسوس جو حڪومت هن وقت تائين ڪي اثرائتا قدم نه کڻي سگهي آهي،
گذريل سال ته ڪمند جي آبادگارن اگهه گهٽ ملڻ سبب فصل کي احتجاجن باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو، ايتري قدر جو مناسب اگهه نه ملڻ سبب ڪراچي سميت سنڌ جي مخلتف شهرن ۾ احتجاج به ڪيو ويو هو پر ان جو به ڪو خاص کڙ تيل نه نڪتو، ان جو سڀ کان وڏو سبب اسان جي ملڪ جا حڪمران آهن، جيڪڏهن حڪمران چاهين ته ڪمندجي اگهه جو مسئلو هڪ ڏينهن ۾ حل ٿي سگهي ٿو پر حڪمرانن ۽ مل مالڪن ڪمند جي اگهه کي ڪشمير مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان حل نه ٿي سگهي آهي، جيڪڏهن حڪومت جي آبادگارن کي مناسب اگهه ڏئي ها ته اڄ سنڌ جو آبادگار خوشحال نظر اچي ها پر افسوس جو اهو ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، جنهن جي واکاڻ ڪري سگهجي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن به فصل لهي تيار ٿيندو آهي ته هڪ ته آبادگارن کي بار دانو نه ڏنو ويندو آهي ۽ بار دانو من پسند ماڻهن کي ڏنو ويندو آهي، ان وقت به غريب مسڪين هارين کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو آهي، هڪ ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڪمند جي پيڙائي تمام جلد شروع ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان صوبن کان مدد ورتي ويندي، ان سان گڏوگڏ هڪ ٻيو به فيصلو ڪيو ويو ته هڪ لک ٽن کنڊ برآمد ڪئي ويندي، ان کان اڳ 10 لک ٽن کنڊ برآمد ڪئي ويندي، مطلب ته هاڻ 11 لک ٽن کنڊ برآمد ڪئي ويندي، جيڪڏهن آبادگارن کي ڪمند جو اگهه مناسب ملي ها ته ملڪ کي کنڊ گهرائڻ جي ضرورت نه پئي ها ۽ هن ملڪ مان ڪڻڪ، ڪمند ۽ ٻيو فصل ٻاهرن ملڪن ڏانهن موڪلي سٺو پيسو ڪمائي سگهجي پيو، جنهن سان هن ملڪ کي به فائدو پهچي ها ۽ هتان جي آبادگارن کي به فائدو ٿي ها پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو، جڏهن حڪمران ان اهم مسئلي ڏانهن ڌيان ڏيندا. بهرحال فصل جواگهه پنهنجي جاءِ ته پر ڪجهه هاري ته پاڻي جي کوٽ خلاف به سراپا احتجاج بڻيل آهن،
ڪجهه ڏينهن اڳ جوهي جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو هو، جيڪو ڏسندي ڏسندي ملڪ گير احتجاج بڻجي ويو هو، آبادگارن هڪ ئي وقت ڪراچي،اسلام آباد، حيدرآباد ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو پر افسوس جو ان احتجاج تي حڪمرانن جي ڪا خاص نظرنه پئي نه ۽ ئي پاڻي جي کوٽ جو مسئلو حل ٿي سگهيو آهي، ان کان اڳ به هاري احتجاج ڪندا رهندا آهن پر هن ڀيري هارين سنڌ کان علاوه پاڪستان جي گادي واري شهر ۾ به احتجاج رڪارڊ ڪيو، جيڪڏهن حڪمران چاهين ته سنڌ جا آبادگار خوشحال ٿي سگهن ٿا، ان لاءِ حڪمرانن کي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻي پوندي ۽ ان سان گڏ فصل جو مناسب اگهه ڏيڻو پوندو ته جئين انهن جامالي مسئلا به حل ٿي سگهن، جيڪڏهن انهن کي فصل جو مناسب اگهه نه مليو ته اهي ڪڏهن به خوشحال نه ٿي سگهندا. اسان ته حڪمرانن کي ايتري ئي التجاءَ ڪنداسين ته سنڌ جي آبادگارن جا جائز مطالبا تسليم ڪري پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پاڻي جي چوري کي روڪڻوپوندو ته جيئن سنڌ جي هارين جامسئلا حل ٿي سگهن.
هن وقت ته حڪمران رڳو پاڻي کي بند ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،جيڪڏهن ڪا پاڻي لپ اچي به رهي آهي ته ان کي به بند ڪري سنڌ جي زمين کي بنجربڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هڪ ته سمنڊ ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي پر ان جي ڪنهن کي به ڪا پرواهه نه آهي، جيڪڏهن سمنڊ ۾ مٺو پاڻيوڃڻ بند ٿي ويو ته ان سان ڊيلٽا کي تمام گهڻو نقصان رسندو ۽ سنڌ جي سامونڊي پٽي کي سمنڊ ڳڙڪائڻ ۾ دير ئي نه ڪندو. ان لاءِ حڪمرانن کي گهرجي ته فوري طور مٺي پاڻي کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کي يقيني بڻائن ته جيئن سمنڊ سنڌ جي زمين نه ڳڙڪائي، ٻيو وري پاڻي جي ڇوڙ سبب سنڌ جي زمينن کي پاڻي به وقت سر ملي سگندو ، جيڪڏهن پاڻي نه مليو ته سنڌ جي آبادگارن کي تمام گهڻونقصان ٿيندو، جنهن جو ازالوڪو به نه ڪري سگهندو.جيڪڏهن آبادگارن کي وقت تي پاڻي ملي۽ ٻج ۽ دوائون به سستي اگهه تي ملن ته سنڌ جو آبادگارخوشحال به ٿيندو ۽ هن ملڪ کي تمام گهڻو فائدو به ٿيندو. جيڪڏهن هارين کي فصل جو مناسب اگهه نه مليو ته ان جو مطلب اهو ئي هوندو ته ملڪ ۾ آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيوو ڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button