آرٽيڪل

ڪهڙي سياسي پارٽي وٽ ڪيترا اثاثا آهن

هر فورم کي هلائڻ لاءِ ڌن ، دولت ۽ وافر مقدار ۾ اثاثن جي گھرج هوندي آهي

تحرير شير محمد سولنگي

ڪو به فورم يا ڪو به ادارو اثاثن کان سواءِ ناهي هلي سگھندو هر فورم کي هلائڻ لاءِ ڌن ، دولت ۽ وافر مقدار ۾ اثاثن جي گھرج هوندي آهي ، اسان جي

Sher Muhammad Solangi
شير محمد سولنگي

ملڪ پاڪستان ۾ کوڙ ساريون سياسي پارٽيون رجسٽرڊ ٿيل آهن . انهن جي انگن اکرن معلوم ڪرڻ  اليڪشن ڪميشن جيڪا رپورٽ پڌرنامو 8 جنوري 2017 تي جاري ڪري چڪي آهي ان سهارو وٺڻو پئجي رهيو آهي ،  ان مطابق اليڪشن ڪميشن سياسي پرٽين جي نئين فهرست جاري ڪئي آهي  جنهن ۾ ختم ٿيندڙ پارٽين ۽ فوت ٿيل سياستدانن جا نالا به شامل آهن. اليڪشن ڪميشن پاڪستان ۾ رجسٽرڊ سياسي پارٽين جي نئين فهرست جاري ڪري چڪي آهي  جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي . هن وقت ملڪ ۾ 334 سياسي پارٽيون رجسٽرڊ آهن، اي سي پي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل نئين فهرست ۾  ڪجهه اهڙين پارٽين جا نالا به شامل آهن جيڪي ختم يا ٻين پارٽين ۾ ضم ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ڪيترن ئي پارٽين جا سربراهه ڪافي عرصو اڳ لاڏاڻو ڪري چڪا آهن پر انهن جون پارٽيون هاڻ به سندن ئي نالن سان رجسٽرڊ آهن ۽ فوت ٿيلن کي ئي پارٽي جو سربراهه متعارف ڪرايو ويو آهي. خير اهو هڪ جدا بحث آهي اڄ جيڪو منهنجو موضوع آهي اهو به ان سان ملندڙ جھلندڙ آهي تازاترين جيڪا ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ان مطابق اليڪشن ڪميشن سال 17-2016ع جي لاءِ سياسي پارٽين ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيٽ جي اثاثن جي تفصيل جاري ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري سياسي پارٽين جي اثاثن جي تفصيل موجب پاڪستان مسلم ليگ ن جي اثاثن جي ماليت 22 ڪروڙ 21 لک 16 هزار 406 رپيا آهي جيڪا پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين کان وڌيڪ آهي. دستاويزن موجب پيپلز پارٽي جي اثاثن جي ماليت 16 ڪروڙ 52 لک 84 هزار 423 رپيا جڏهن ته پيپلز پارٽي پارليمنٽرينز 7 ڪروڙ 92 لک 4 هزار 335 رپين جي اثاثن جي مالڪ آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف 11 ڪروڙ 64 لک 24 هزار 836 رپين جا اثاثا رکي ٿي، جڏهن ته مسلم ليگ ق 5 ڪروڙ 81 لک 480 رپين جي مالڪ آهي. اليڪشن ڪميشن موجب جماعت اسلامي وٽ 11 ڪروڙ 6 لک 53 هزار 978 جا اثاثا آهن، اي اين پي 4 ڪروڙ 17 لک 26 هزار 350 رپيا ۽ جميعت علماءِ اسلام ف 2 ڪروڙ 82 لک 73 هزار 592 رپين جي مالڪ آهي. پاڪ سر زمين پارٽي جا اثاثن جي ماليت 35 لک 65 هزار 818 رپيا جڏهن ته پاڪستان عوامي تحريڪ 19 لک 10 هزار 434 رپين جي اثاثن جي مالڪ آهي. دستاويزن موجب شيخ رشيد جي عوامي مسلم ليگ 2 لک 88 هزار 268 رپين جا اثاثا رکي ٿي جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اثاثن جي ماليت رڳو 30 هزار 250 رپيا آهي. اليڪشن ڪميشن موجب اسيمبلي ميمبرن جي سال 17-2016 جي گوشوارن موجب وزير اعظم عمران خان جي اثاثن جي ڪل ماليت 3 ڪروڙ 86 لک، 94 هزار کان وڌيڪ آهي. مملڪتي وزير شهريار آفريدي 1 ڪروڙ، 59 لک، 98 هزار 565 رپين جو مالڪ آهي. حمزه شهباز جي اثاثن جي ڪل ماليت 41 ڪروڙ، 15 لک 40 هزار کان وڌيڪ آهي. دستاويزن موجب حمزه شهباز جي زرعي زمينن جي ماليت 13 ڪروڙ 64 لک کان وڌيڪ آهي. ان کان سواءِ حمزه شهباز وٽ بينڪ ۾ 43 لک 70 هزار کان وڌيڪ رقم موجود آهي.  ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر جي اثاثن جي ڪل ماليت 87 ڪروڙ 48 لک 87 هزار کان وڌيڪ آهي جڏهن ته ڪيپٽن صفدر جي ذمي حسن نواز جون 2 ڪروڙ، 89 لک 33 هزار رهتون به آهن. مشاهد الله خان وٽ 3 ڪروڙ رپيا جڏهن ته راجا ظفر الحق وٽ 4 ڪروڙ رپيا ۽ برجيس طاهر جي اثاثن جي ڪل ماليت 2 ڪروڙ 78 لک کان وڌيڪ آهي. پيپلز پارٽي جي شيري رحمان 77ڪروڙ جي اثاثن جي مالڪ آهي جڏهن ته رضا رباني 10 ڪروڙ رپين ۽ سليم مانڊوي والا 3 ڪروڙ رپين جا اثاثا رکي ٿو. اي اين پي جي اڳواڻ غلام بلور جي اثاثن جي ڪل ماليت 20 ڪروڙ، 97 لک کان وڌيڪ آهي جڏهن ته وفاقي وزير ۽ ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ فروغ نسيم 17 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي. اليڪشن ڪميشن موجب اڳوڻو پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف 27 ڪروڙ، 34 لک، 12 هزار ۽ 731 رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي. شهباز شريف شريف پولٽري فارمز، شريف ڊيري فارمز جي تفصيل ڏني، هن ڪوالٽي چڪن ۽ رمضان شگر ملز جي شيئرن جي خريداري جي به تفصيل ڏني. خيبرپختونخواهه جو اڳوڻو وڏو وزير پرويز خٽڪ 28 ڪروڙ، 65 لک ۽ 69 هزار کان وڌيڪ رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي. پرويز خٽڪ پلاٽن، مڪان، اپارٽمنٽس، ڪمرشل بلڊنگز ۽ سيڙپڪاري جا دستاويز ظاهر ڪيا. ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وڏي وزير زرعي زمين، پشانگ پلازائن ۾ شيئر هولڊر طور سيڙپڪاري ڪئي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ثناءُ الله زهري جا 37 ڪروڙ 80 لک 98 هزار رپين کان وڌيڪ اثاثا آهن. ثناءُ الله زهري 60 تولا سون، ڪراچي ۽ خضدار ۾ گهر ظاهر ڪيا.  سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه 36 ڪروڙ 24 لک 85 هزار رپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي. مراد علي شاهه کي پيءُ عبدالله شاهه تحفي ۾ زرعي زمين ڏني جنهن جي ماليت 3 ڪروڙ رپيا آهي، مراد علي شاهه وٽ 100 تولا سون به آهي. اهي ته اهي تجويزون رايا ۽ بحث  مباهثا آهن جيڪي سندن اثاثن ۾ ڄاڻايل آهن .  پاڪستان جيتريون به سياسي پارٽيو رجسٽرڊ ٿيل آهن جيتريون سياسي شخصيتون آهن اهي حد کان وڌيڪ اثاثن جا مالڪ آهن ۽ انهن جا سربراھ ۽ پارٽي سان واڳيل فرد جيڪو طاهر ڪري ويٺا آهن اهو جيءُ بسم الله پر اڃا انهن جا ڪي اهڙا به بي نامي اثاثا آهن جيڪي انهن جي ڊرائيورن ، دوستن ، مٽڻ مائٽن ۽ عزيزن جي نالن ۾ لڪل آهن يا جيڪا دولت مڏي مال مايا اڪامي لڪل آهن اهي الڳ سان هوندا جن جي باري ۾ ڪافي حد تائين حڪومت انهن تائين پهچڻ ۾ رسائي ڪري چڪي آهي ۽ ڪجھ ڪرڻ واري آهي 26 ملڪن سان معاهدا سان ٿي چڪا آهن .  اهي اثاثا جڏهن منظر عام تي ايندا ڇا پوءِ اهي اثاثا سندن اثاثن ۾ شامل ڪري سگھبا يا نه  ؟ اهو هڪ سوال آهي جنهن جو جواب وقت ئي ڏئي سگھي ٿو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button