مختصر خبرون

پاسپورٽ آفيس ميرپورماٿيلو ۾ رشوت عروج تي فرضي ڪاغذ نھ ھئڻ جو جواز ڄاڻائي ھزارين روپيا رشوت وصول

نصراللھ گڏاڻي، ميرپورماٿيلو
پاسپورٽ آفيس ميرپورماٿيلو ۾ رشوت عروج تي فرضي ڪاغذ نھ ھئڻ جو جواز ڄاڻائي ھزارين روپيا رشوت وصول رشوت نھ ڏيندڙن جو گيٽ بند ڊپٽي ڊائريڪٽر خلاف ماڻھن جو احتجاج پاسپورٽ آفيس آڏو ڌرڻو تفصيل موجب پاسپورٽ آفيس گھوٽڪي ائٽ ميرپورماٿيلو ۾ رشوت جو بازار گرم آھي جڏھن تھ فرضي ڪاغذات جو جواز ڄاڻائي ھڪ ھزار کان 5 ھزار روپين تائين في پاسپورٽ تي رشوت ورتو وڃي ٿو ان کان علاوھ پاسپورٽ کڻڻ جو بھ 500 روپيا خرچي مقرر ٿيل آھي جڏھن ٻاھرين ملڪن کان گفٽ جو بھ شرط رکيو وڃي ٿو ان سلسلي ۾ گذريل ڏينھن مختلف ڳوٺاڻن ۽ شھرين پاسپورٽ آفيس ميرپورماٿيلو جي انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر رضوان احمد مھر خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري پاسپورٽ آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ان موقعي تي سريش ڪمار کيمچند مراد بخش اخلاق احمد محمد زاھد ۽ ٻين دانھيندي چيو تھ آفيس ۾ لڳل بورڊ مطابق سڀ ڪاغذات مڪمل ھئڻ باوجود عملو پاسپورٽ نھ ٿو ٺاھي ڏي ۽ ھزارين روپيا رشوت جي ڊيمانڊ ڪئي وڃي ٿي جڏھن تھ بغير رشوت جي پاسپورٽ ٺھڻ ممڪن ناھي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش تي ڊپٽي ڊائريڪٽر رضوان احمد مھر بداخلاقي ڪري ٿو ۽ ڌڪا ۽ داٻا ڏيندي چئي ٿو تھ وفاقي وزير علي محمد خان مھر جو خاص ماڻھو آھي سندس ئي ھتي مقرر ڪرايو آھي کيس ڪنھن جي بھ پرواھ ناھي ھن سڪيورٽي گارڊ کي حڪم ڏيئي رشوت نھ ڏيندڙن جي داخلا تي بھ پابندي ھڻي ڇڏي آھي جيڪا زيادتي آھي ھنن وسوارن کان پاسپورٽ آفيس ميرپورماٿيلو جي ڊپٽي ڊائريڪٽر رضوان مھر خلاف ڪاروائي جو مطالبو پاسپورٽ ٺھرائي ڏيڻ جي اپيل ڪئي آھي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button