چوهڙ جمالي

چوهڙ جمالي: اسڪول جي تباه حال عمارت جو تعليم کاتي ڪو به نوٽيس نه ورتو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، چوهڙ جمالي
تعلقي شاهبندر جي ڳوٺ جمڙو خان جمالي جي بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ ۾ ڏار پئجي ويا خسته حال بلڊنگ جي ڇت مان چاپوڙا ڪرڻ لڳا ،ٻارڙن جون زندگيون ڌاء تي لڳل ،ڳوٺ جو گرلس اسڪول به فرنيچر کان محروم ،نياڻيون پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ لڳيون ،خبر موجب تعلقي شاهبندر جي يوسي گونگاڻي ديھ ماڇڪي جي ڳوٺ جمڙو خان جمالي جي بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ ۾ مرمت نه ٿيڻ ڪري ديوارن ۽ ڇتين ۾ ڏار پئجي ويا آهن جن مان چاپوڙا ڪرڻ سبب ٻارڙن جون زندگيون داء تي لڳل آهن ،شاگرد ڪنهن به اڻوڻندڙ حادثي جي خدشي سبب خوف ۾ تعليم پرائڻ لڳا ،اسڪول جي تباه حال عمارت جو تعليم کاتي ڪو به نوٽيس نه ورتو ،اسڪول جي ڇتين مان چاپڙ ڪرڻ سبب هيل تائين ڪيترا ئي شاگرد زخمي ٿي چڪا آهن جن ۾ غلام حسين جمالي عديل جمالي ربو جمالي عمران جمالي ۽ ٻيا شامل آهن ڳوٺاڻن کان مليل معلومات موجب ٽيهارو سال اڳ اسڪول جي بلڊنگ جو بنياد وڌو ويو هو 40 سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ جي باوجود ان جي دوباره مرمت نه ٿي سگهي آهي ،جڏهن ته ڳوٺ جو گرلس اسڪول پڻ فرنيچر کان محروم آهي ،جنهن ڪري ڳوٺ ۽ آسپاس جون نياڻيون پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن ڳوٺاڻن اختر سليم محبوب علي جمالي حاجي خدابخش جمالي حاجي مبارڪ شير جمالي حاجي صديق علي نواز جمالي لونگ جمالي جاويد جمالي ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ جا ٻئي اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم آهن جنهن ڪري ڳوٺ جي شاگردن توڙي شاگردياڻين کي ڪافي مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون بوائز اسڪول جي ڇت ڪمزور هجڻ سبب اسان جا ٻار خوف هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن جڏهن ته اسڪول جي تباه حالي جو تعليم کاتي ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي هنن وڌيڪ ٻڌايو ته بوائزپرائمري اسڪول جي عمارت مڪمل تباه ٿي چڪي آهي جيڪا ڪنهن به وقت وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿي هنن سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جي اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته ڳوٺ جمڙوخان جمالي جي بوائزپرائمري اسڪول جي عمارت ٻيهر مرمت ڪرائڻ سان گڏوگڏ گرلس اسڪول کي هڪدم فرنيچر فراهم ڪيو وڃي ته جئين تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سهولت ملي سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button