مختصر خبرون

چوهڙ جمالي: سوپاري ۽ پان جو اگھ چوٽ چڙھي ويو

ناشاد ملاح
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، چوهڙ جمالي
سوپاري ۽ پان جو اگھ چوٽ چڙھي ويو ، چوهڙ جمالي ۽ آسپاس ۾ ڪيتريون ڪئبينون بند ٿي ويون ، سوپاري جي کوٽ سبب ڏينهون ڏينهن اگھ وڌڻ لڳو ، تفصيل موجب چوهڙ جمالي ۽ آسپاس جي شھرن ۾ ڪيتريون ئي ڪئبينون ( پان مانڊڻيون ) بند ٿي ويو آھن ڪئبينون بند ٿيڻ جو سبب گذريل ڪجھ ڏينهن کان سوپاري جو اگھ تيزي سان وڌي رهيو آھي هن وقت مارڪيٽ ۾ سوپاري جو في ڪلو 2500 سو روپيا وڪرو ڪيو پيو وڃي جڏھن ته سيلون جي پان جو پڻ 1800 روپيا ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي پان مانڊڻين جا مالڪ هڪڙو پان 10 روپيا وڪرو ڪرڻ جي باوجود نقصان ڪري رهيا آھن جنهن جي ڪري چوهڙ جمالي ۽ آسپاس جي شھرن ۾ ڪافي ڪئبينون بند ٿي ويون آھن ساڳئي وقت سوپاري مهانگي ٿيڻ سبب گهٽڪا فروش پڻ سوپاري عيوض کجور جون ککيون استعمال ڪري گهٽڪو وڪرو ڪري رهيا آھن سوپاري تي بندش ۽ نه ملڻ جي ڪري واپاري بليڪ تي پنهنجا من پسند اگھ مقرر ڪري سوپاري وڪرو ڪري رهيا آھن ساڳئي وقت پاڪستاني پان وڪرو نه ٿيڻ ڪري شاهبندر تعلقي ۾ لڳل پان فارم (ڇاپرا ) به تمام گهڻو متاثر ٿيا آھن انهن تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقو توڙي پان فارم مالڪ به بيروزگار ٿي ويا آھن ، ياد رهي ته پوليس پاران ڪجھ ڏينهن کان سوپاري آڻيندڙ گاڏين تي لاڳيتو ڇاپا هڻي سوپاري تحويل ۾ وٺي ساڳئي سوپاري پوليس انتظاميه پاران واپارين کي وڪرو ڪئي پئي وڃي ، جيتوڻيڪ شھر چوهڙ جمالي ۾ لکين روپين جي لاڳت سان تعمير ڪرايل فينسي ۽ ڊيزائن واريون ڪئبينون به سوپاري جي مسلسل اگھ وڌڻ سبب بند ٿيڻ جو خدشو آھي ان سلسلي ۾ پان مانڊڻيون هلائيندڙن محمد جمن ، قادر بخش ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت پاران گهٽڪي تي بندش وڌي ويئي آھي پر پوليس جي رحم ڪرم سان گهٽڪو سرعام هلي رهيو آھي سوپاري تي هٿرادي بندش ۽ سوپاري جو تيزي سان مهانگو ٿيڻ سمجھ کان ٻاهر آھي سوپاري مهانگي ٿيڻ ڪري اسين ڪئبينون بند ڪرڻ تي مجبور آھيون ، جيڪڏھن اسان جون ڪئبينون بند ٿي ويون ته اسين ڪيڏانهن وينداسين هنن مطالبو ڪيو ته سوپاري جي وڌندڙ اگھ تي ڪنٽرول ڪري پان جي تباھ ٿيندڙ معيشيت کي بچايو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button