زراعت

ميرپورماٿيلو: پوليس اھلڪار خلاف مظاھرو ۽ زرعي زمين جو پاڻي بند ڪرڻ جا الزام، انصاف جي گھر

نصرالله گڏاڻي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ميرپورماٿيلو
ميرپورماٿيلو ۾ ڳوٺاڻا مرد، عورتن ۽ ٻارڙن جو پوليس اهلڪار ۽ سندس ساٿين خلاف احتجاجي مظاهرو، زرعي زمين جو پاڻي بند ڪرڻ ۽ گهرن مٿان فائرنگ ڪرڻ جو الزام، ان سلسلي ۾ ڳوٺ سبڙبوزدار جي رهواسي مرد، عورتن ۽ ٻارڙن گذريل ڏينهن ميرپورماٿيلو ويجهو جروار پهچي داد لغاري ٿاڻي جي پوليس اهلڪار انوربوزدار ۽ سندس ساٿين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي ان موقعي تي گل محمد بوزدار، ٻڍل بوزدار ۽ ٻين دانهيندي الزام هنيو ته ڄاڻايل پوليس اهلڪار ۽ سندس ساٿي مائٽن سندن جي زرعي زمين جو پاڻي بند ڪري واهي ڀڃي هٿياربند ٿي پاڻي مٿان پهرو ڏيئي ڪيترائي سال سندن زمين کي غيرآباد رکيو ۽ ٻي طرف کان پنهنجي زمين ۾ واهي ٺاهي زمينن کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هنن اسان جي گهرن مٿان توڙي زمين تي اسان مٿان سڌي فائرنگ ڪئي آهي ڄاڻايل اهلڪار ڪرمنل قسم جو هئڻ ڪري اسان جي خاندان کي جاني توڙي مالي خطرو آهي هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان پوليس اهلڪار انور بوزدار، غلام شبير، رمضان بوزدار ۽ ٻين خلاف ڪاروائي ڪري بند ڪيل پاڻي کولرائڻ ۽ تحفظ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button