مختصر خبرون

ميرپورماٿيلو: گهوٽڪي پوليس جا 3 وڏا منشي ۽ 10 سپاهي بحال ٿي ويا

نصرالله گڏاڻي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ميرپورماٿيلو
اڳوڻي ايس ايس پي مسعودبنگش پاران برطرف ڪيل گهوٽڪي پوليس جا 3 وڏا منشي ۽ 10 سپاهي بحال ٿي ويا، بنگش پاران لڳايل الزام بيبنياد ثابت، جاچ آفيسر اي ايس پي سکر پاران جاچ رپورٽ ڊي آء جي سکر جي حوالي ، ڊي آء جي اهلڪار بحال ڪري ڇڏيا، رپورٽ موجب ته اڳوڻي ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش پاران هڪ مهينو اڳ 29 ڊسمبر تي جووا جي اڏن تان منٿليون وٺڻ ۽ فرضن ۾ ڪوتاهي ڪرڻ جي الزام هيٺ نوڪرين تان برطرف ڪيل گهوٽڪي پوليس جي 3 وڏا منشين ۽ 10 سپاهين کي ڊي آء جي سکر ريجن خادم حسين رند گذريل ڏينهن بحال ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اهڙي بحالي ڊي آء جي پاران مقرر جاچ آفيسر اي ايس پي سکر سٽي محمدعثمان مارو پاران جاچ رپورٽ سندن حوالي ڪرڻ بعد عمل ۾ اچي سگهي آهي جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ايس ايس پي بنگش پاران ڄاڻايل برطرف اهلڪارن مٿان لڳايل الزام ڪوڙا ۽ بيبنياد آهن جن ۾ ڪا به صداقت نه آهي ۽ وڏيرن جي چئي تي اهلڪارن کي برطرف ڪيو ويو جنهن بعد گذريل ڏينهن ڊي آء جي سکر خادم رند ڄاڻايل بناجواز برطرف ڪيل گهوٽڪي پوليس جي سمورن 13 اهلڪارن کي آفيس سکر گهرائي بحال ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ 3 وڏا منشي هيڊ ڪانسٽيبل سجاد قاضي، هيڊڪانسٽيبل ياسرعرفات چاچڙ ۽ هيڊ ڪانسٽيبل محمد شعبان ڪولاچي ۽ 10 ڪانسٽيبل رشيدڀارو، عبدالستارپنهور، عبدالستارعباسي، شاهنوازڀنڀرو، جتوئي شر، نظيراحمدڀارو، آفتاب ملڪ، ارشادميراڻي، رمضان سڊ ۽ عبدالرئوف چنو شامل آه

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button