آرٽيڪل

خيالي پلاءُ يا حقيقت

ربنواز راز ڄامڙو
ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ننڊ واري بستري تي سمهڻ وقت سوچيندو آهيان ته سياست اندر ۽ ٻاهر جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي اهو فقط خيالي پلاءُ پچندو آهي يا ان ڪا صداقت به هوندي آهي سياستدانن جي دهمان ۽ گفتار ۾ بجلي جو ڪرنٽ جيترا شاڪ هوندا آهن پر وري ڪجھ ڏينهن کان پوءِ وري انهن مان ڪرنٽ ئي نڪري ويندو آهي نوڙي جهڙا لمڙا ٿي پوندا آهن ڇاڪاڻ ته منجھن پيدا ٿيندڙ ڪرنٽ بجلي گھر مان ايندو جن جون لينڪون چاڙهڻ ۽ لاهڻ وارن جو ڪمال آهي پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ن ليگ سان اڄ ڏينهن تائين ٿيو ڇا آهي؟ ٿيو ته پ پ سان آهي، ٿيو ته قادري صاحب سان آهي، مان جڏهن به چاهيان انهن کي ڪڍي سگهان ٿو، انهن کي ڪڍڻ ۾ مون کي دير نه لڳندي پر مان ملڪ جي مستقبل جو سوچيندو آهيان، اسان جي ايندڙ نسلن کي ان ملڪ ۾ رهڻو آهي. لاهور جي مال روڊ تي جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف زرداري جو چوڻ هو ته اسان سدائين چيو آهي ته پاڪستان کپي، اسان سدائين پاڪستان جي ڳالهه ڪئي آهي، هن ملڪ کي خطرو رڳو جاتي امرا مان آهي، ملڪ تي ايترو وزن وجهي هي ان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته سياست ڪنداسين پر ملڪ خلاف سياست ناهي ٿيندي، ضياءُ الحق جي باقيات جو مقابلو ڪندا رهنداسين. پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري چيو آهي ته معاشري ۾ ايتري ورهاست ۽ فرق وڌي ويو آهي جو ڪنهن معاملي تي گڏجي ويهڻ جو حوصلو ناهي رهيو، اڄ اسان ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، سڀني کي گهرائڻ جو مقصد پنهنجي ذات لاءِ ڪجهه حاصل ڪرڻ نه پر ستل شعور کي جاڳائڻ ۽ بي آوازن کي آواز ڏيڻ آهي. لاهور جي مال روڊ تي گڏيل اپوزيشن جي احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي طاهر القادري چيو ته زرداري صاحب اڄ سڀني جو گڏجڻ منهنجو نه پر شهيدن جي قربانين جو ڪمال آهي، اهو ڪمال انهن معصوم ٻارن جو آهي، جن جي حفاظت لاءِ سڀ گڏيا آهن. هن چيو ته انساني حق چِٿيا پيا وڃن ۽ قومي ناڻو ڦريو پيو وڃي، اسان عدليا کي آزاد رکڻ، هر مظلوم کي انصاف ڏيارڻ ۽ ملڪ کي حيوانن کان بچائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، قوم اٿي ۽ سڃاڻي ته دشمن ڪير آهي. سندس چوڻ هو ته اسان ملڪ جو امن ٽوڙڻ نٿا چاهيون، جيڪڏهن ائين ڪرڻو هجي ها ته نواز شريف ۽ شهباز شريف کي جاتي امرا کان ٻاهر هڪ قدم رکڻ جي به جرئت نه هجي ها، چاهيون ٿا ته قانون عوام ۽ شريف خاندان لاءِ به هڪ جهڙو هجي. طاهر القادري چيو ته اسان ڀڃ ڊاهه ۽ گهيرو ڪرڻ ناهيون آيا، قانون هٿ ۾ کڻڻو هجي ها ته سانحا برداشت نه ڪيون ها، شريفن جي بادشاهي خلاف ڳالهائي رهيا آهيون. تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قصور ۾ ڪجهه مهينن کان اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو هو پر ڪو ايڪشن نه ورتو ويو، زينب جو ڪيس منظر تي اچڻ کانپوءِ قوم کي خبر پئي ته اهو اسان جي ٻارن سان به ٿي سگهي ٿو، طاهر القادري ملڪ جي سڀني پارٽين کي گڏ ڪيو، ڊاڪٽر صاحب، قوم توهان سان گڏ بيٺي آهي. مال روڊ تي جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سڄو پاڪستان ڏسي رهيو هو ماڊل ٽائون ۾ بيگناهن تي پوليس گوليون هلايون ويون، 14 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، ڇا ماڊل ٽائون ۽ قصور جي متاثرن کي انصاف مليو؟ زينب جي وارثن پنجاب پوليس ۽ وڏي وزير کان نه پر آرمي چيف کان انصاف جو مطالبو ڪيو، راڻا ثناءُ الله کان ته ڪنهن به انصاف نه ورتو، اهو صورت مان ئي قاتل لڳندو آهي. سندس چوڻ هو ته مان شريف ڀائرن کي 40 ورهين کان سڃاڻان ٿو، نواز شريف جمهوريت تي يقين ئي نٿو رکي، ماڊل ٽائون سانحي پويان ٻنهي ڀائرن جو هٿ آهي. هن چيو ته هڪ شخص جيڪو 3 سئو ارب چوري ڪري ٻاهر کڻي ويندو آهي، ان کي پارٽي جو سربراهه بڻايو ويو آهي، اهڙي شخص لاءِ پارليامينٽ ۾ هٿ کڻي چيو ويندو آهي ته اهو پارٽي جو سربراهه بڻجي سگهي ٿو. جيڪڏهن پنجاب جي بادشاھ ميان محمد نواز شريف ۽ سنڌ جي باد شاھ آصف علي زرداري جي وچ ۾ ايترا اختلاف هجن هان ته مال روڊ واري جلسي ۾ ڪارڪنن جي انٽري به زور شور جي هجي هان ان صاف ظاهر نظر اچي رهيو آهي ميان محمد نواز شريف ۽ آصف علي زرداري خالي بيانن تائين پاڻ ۾ رٺل آهن پر ٻنهي جي اندر ۾ روح ساڳيو آهي ظاهري طور ته هڪ ۾ ڀٽي جوروح آهي ته ٻئي جنرل ضياءُ الحق جو روح ڏسڻ ۾ ته رات ڏينهن جيترو فرق آهي پر ڊرائينگ روم جي سياست سڀ فرق مٽائي ڇڏيندي آهي جنهن جو روايتي حريف آصف علي زرداري صاحب رهيو آهي هن عوامي سياست کان هٽي ڪري ڊرائينگ روم جي سياست کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي جڏهن ڏينهن آصف علي زرداري نواز شريف تارا ڏيکاريا ته اهو ڏينهن سندس اقتدار جو آخري ڏينهن هوندو هن وقت ته ن ليگ سرڪار سمورين پارٽين جي اتحاد کي ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي . 7 ڏينهن جي مهلت قادري جي به ٺس ٿي وئي وري پير حميد الدين سيالوي جي 7 ڏينهن واري مهلت به وقت اڳ ئي ٺس ٿي وئي هاڻي اڪيلي سر بار عمران خان جي ڪلهن تي اچي ويو آهي جنهن ۾ دم به آهي تحريڪ هلائڻ جو ڏانءُ به اٿس باقي هر ليڊر وٽ خيالي پلائن جو ديڳيون چڙهيون پيون آهن جن مان لڪمو هر کائي ذائقو چکيون هلندو پيو وڃي گرين سگنل الرٽ لڳ پيو آهي . ڪڏهن ڪڏهن خيالي پلاءَ به ڪم ڏيکاري وٺندا آهن اهي حقيقت ۾ تبديل ٿي ويندا آهن . پر هن وقت جيڪي خيالي پلاءُ پچي رهيو آهي ان ڪو سواد ناهي ڇاڪاڻ ته مرچ مصالن جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي . اگر شريف خاندان کي وري به ٽف ٽائيم ڏنو ته عمران خان ئي ڏئي سگھي ٿو باقي سڀ ن ليگ سرڪار جا اوتيل پوتيل آهن . جن مان کين ڪو به ڊپ ناهي سڀ سياسي پارٽيون ٺڪر ٺوڪي هٿ مٿي ڪري بيٺيون آهن جيڪو ڪجھ به عوام جي سامهون پيش ڪيو پيو وڃي سو بس خالي خيالي پلاءُ ئي آهي جنهن ۾ ڪا به صداقت نظر نه پئي اچي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button