انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ميرپورماٿيلو
ميرپورماٿيلو شهر ۾ جووا جي ٽڪري تي پوليس جو ڇاپو، 6 هندو نوجوان گرفتار، روڪ رقم ۽ تاس جا پتا هٿ، 5 جوابدارن مٿان ڪيس داخل، ضمانت تي آزاد، ان سلسلي ۾ ميرپورماٿيلو ٿاڻي جي پوليس گذريل رات شهر جي چاندني چوڪ سامهون هڪ ماڙي تي قائم جووا جي ٽڪري تي ڇاپو هنيو ان دوران پوليس 6 هندو نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو وٽس روڪ رقم ۽ تاس جا پتا هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته سرڪار پاران هيڊڪانسٽيبل اعجازاحمد گڏاڻي جي فرياد تي گرفتار 5 جوابدارن هريش ڪمار پٽ آتم داس، بسنت ڪمار پٽ ميرومل، انيل ڪمار پٽ پريم چند، رابيل پٽ منگلو ۽ هري لعل پٽ ساجن داس مٿان ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي جووا کيڏڻ جو ڪيس داخل ڪري پراپرٽي ۾ صرف 6100 روپيه روڪ ۽ تاس جا پتا ظاهر ڪيا ويا بعد ۾ گرفتار جوابدارن کي شخصي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو ٻي طرف اطلاع آهن ته پوليس ڳري رشوت عيوض هڪ جوابدار ٺاڪرداس پٽ چندومل کي آزاد ڪري ڇڏيو هو ۽ هٿ آيل هڪ لک کان وڌيڪ رقم مان صرف 6100 ظاهر ڪيا ويا آهن