آرٽيڪل

عوام سپريم ڪورٽ کان ڇا ٿو چاهي؟

صاحب خان ڀٽي
Sahib Ali Sindhiگذريل ڪيتري ئي عرصي کان هن ملڪ ۾ هاڃيڪار شيون وڪرون ٿي رهيون آهن پر تاريخ ۾ ڪنهن به نوٽيس نه ورتو هو پر هن ڀيري وڏي عدالت، تعليم، صحت سميت مختلف معاملن تي نوٽيس وٺي رهي آهي، جنهن جي تمام گهڻي واکاڻ به ڪئي پئي وڃي. مطلب ته ملڪ جي موجوده صورتحال کي ڏسندي ملڪ جون عدالتون به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ميدان تي لهي پيون آهن ۽ عوامي جي ڀلائي لاءِ پوئتي نه هٽڻ جو عزم ورجايو آهي، ڇنڇر ۽ آچر ڏهاڙي تي به عدالتي ڪارروايون ٿي رهيون آهن، جنهن سبب عوامي مسئلن جي حل واري عمل ۾ تيزي اچي رهي آهي، اهي مسئلا جيڪي سياسي اڳواڻ ڪڏهن به حل نه ڪري سگهن ها، اهي مسئلا عدالتي عدالت حل ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته شگر ملون، کير جون فيڪٽريون ۽ ڪاليجز سياستدانن جا آهن، جن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ادارن جي لاءِ تمام گهڻي ڏکئي ڳالهه آهي پر سپريم ڪورٽ پاڻمرادا نوٽيس وٺي عوام جي مسئلن کي ٻڌي رهي آهي. هن وقت به سنڌ ۾ جيڪي به شگر ملون آهن، انهن مل مالڪن اڃا تائين آبادگارن کان ڪمند نه خريد ڪيو آهي، جنهن سبب کين لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، اهڙي طرح سنڌ ۾ استاد به احتجاج ڪري رهيا آهن، جن مٿان صوبائي حڪومت ڏنڊا به وسايا هئا.
بهرحال چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار به عوامي لاءِ هاڃيڪار شين جي روڪٿام لاءِ حڪم جاري ڪيا آهن. ان حوالي سان چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ کير، کاڌي پيتي جي شين ۽ تعليم بابت به نوٽِس ورتو آهي. ان حوالي سان چيف جسٽس ثاقب نثار يمارڪس ڏيندي چيو هو ته انصاف ۾ دير وڏو مسئلو آهي، الزام به عدالتن تي لڳي ٿو، محدود وسيلن ۽ گهٽ وقت ۾ ڪيسن جي اڪلاءٌ جي ڪوشش ڪيون ٿا. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ وي آءِ پي موومينٽ بابت پاڻمرادي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو هو ته روڊ بند ڪرڻ سان شهرين کي ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، پروٽوڪول جي نالي ۾ روڊ بند نه ڪيا وڃن، ايتري قدر جو چيف جسٽس سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ وڪرو ٿيندڙ هاڃيڪار کير جو به نوٽيس ورتو هو، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري صحت لاءِ هاڃيڪار کير جي وڪرو تي لکت ۾ حڪم جاري ڪيو ويو، جنهن حڪم ۾ سيڪريٽري هيلٿ ۽ ڊرگ انسپيڪٽر کي مارڪيٽ ۾ مينهن کي لڳندڙ انجڪيشن جي وڪرو تي نظر رکڻ جي هدايت ڪئي هئي.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو هو ته مارڪيٽ ۾ رکيل سمورن انجيڪشن کي هٿ ڪري دڪان سيل ڪيا وڃن، جڏهن ته ايڊووڪيٽ محمد واوڊا کي سمورن دٻن ۾ وڪرو ٿيندڙ کير جي ڪمپني جي لسٽ تيار ڪري کير جي دٻن کي ٽي سي ايس آر مان ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار لاهور رجسٽري ۾ پاڻمرادي نوٽيس دوران ريمارڪس ڏيندي چيو هو ته انجيڪشن ذريعي حاصل ڪيل کير سبب ٻارڙن ۾ هارمونز تبديل ٿي رهيا آهن ۽ هو وقت کان اڳ پوڙها ٿي رهيا آهن ، جنهن سبب چوپايو مال تي انجيڪشن استعمال نه ڪيو وڃي. ايتري قدر جو چيف جسٽس حڪم جاري ڪيو هو ته چوپايو مال کي لڳائيجندر انجيڪشن تي به پابندي لڳائي هئي، غير معياري کير بابت عدالتي حڪم جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ٻن هفتن ۾ سمورن کير جي دٻن جي ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جنهن سان گڏ ڪمپني جي کير ليبارٽري جو معائنو ڪيو وڃي. پريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ اسپتالن ۾ گندگي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو هو ته ماحوليات وارو کاتو سڀني کان نڪمو آهي، هي ماڻهن جي صحت جو معاملو آهي، انساني زندگين سان کيڏيو پيو وڃي.لاهور جي 6 هنڌن تي آلودگي آهي،
سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ خانگي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ وڌيڪ فيس وٺڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو هو ته ڪيسز جي ٻڌڻي لاءِ مان روزانو اسلام آباد کان لاهور ايندو آهيان، ٻڌڻي ۾ پيش نه ٿيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ڪيسز جي ٻڌڻي لاءِ روزانو اسلام آباد کان لاهور ايندو آهيان، ٻڌڻي ۾ پيش نه ٿيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو هو ته انصاف ڪرڻ سان گڏ ڊاڪٽرن ۽ ادارن جي وقار به برقرار رکڻو آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو هو ته جيڪي ماڻهو دڪان هلائين ٿا ، انهن وٽ به وڪالت جي ڊگري آهي،يونيورسٽيز جي وي سيز کي لا ڪاليجز جي انسپيڪشن ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ملڪ ۾ گهڻي تعداد ۾ پرائيوٽ يونيورسٽيون کلڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، هاڻي غير معياري لا ڪاليجز هلڻ نه ڏينداسين، چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو هو ته عدالت 6 هفتن ۾ لا ڪاليجز جو نظام ٺيڪ ڪرڻ چاهي ٿي، هر يونيورسٽي پنهنجو نظام ٺاهي ڇڏيو آهي. بدقسمتي سان اسان پنهنجي ادارن کي مضبوط نه ڪيو، هاڻي ڊگريون محنت ڪندڙن کي ملڻ گهرجن.
هونئن ته سنڌ ۾ به تعليمي ادارن جي اهڙي ئي حالت آهي، جئين پنجاب ۾ آهي پر سنڌ ۾تعليم سان گڏ پاڻي جو به وڏو مسئلو آهي، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ به نوٽيس ورتو آهي، جنهن سبب اهو انڪشاف ٿيوآهي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ جا ماڻهو گدلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن.جنهن سبب ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺي رهيون آهن. سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي به گدلي پاڻي جي فراهمي بابت پاڻمرادي نوٽيس تي طلب ڪيو هو، جنهن دوران گدلي پاڻي بابت هڪ ويڊيو رپورٽ به ڏيکاري وئي هئي، جنهن تي سنڌ جي ساڃاهه وندن پاران سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو. هن وقت سڄي سنڌ ۾ به ان معاملي تي احتجاج ٿي رهيا آهن ته پاڻي نه پيو ملي پر ان باوجود سنڌ سرڪار جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.
بهرحال سپريم ڪورٽ جا قدم واکاڻ جوڳا آهن، ملڪ جي عوام کي نه کيير بهتر ملي رهيو آهي ۽ نه ئي وري صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، ان کان علاوه تعليم جو به ٻيڙو ٻڏل آهي. امتحانن کان اڳ ئي پيپر آئوٽ ٿي وڃن ٿا ۽ پيپر آئوٽ ڪندڙن خلاف ڪا به اثرائتي ڪارروائي نه ٿي ٿئي، جيڪڏهن اهڙن معاملن تي به نوٽيس ورتو وڃي ها ته بهتر ٿئي ها، عوام ته رڳو اهو ئي چاهي ٿو ته جئين سندن مسئلا حل ٿين، کين تعليم جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن، کين بهتر صحت جون سهولتون ميسر هجن ۽ اهي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري به آهي. جيڪڏهن اهي سموريون سهولتون عوام کي ڏنيون وڃن ته سپريم ڪورٽ کي پاڻمرادي نوٽيس وٺڻ جي ڪا به ضرورت نه پئي ها. سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيسز سان عوام ۾ هڪ اميد پيدا ٿي آهي. چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کي گهرجي ته سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ اهڙو نظام جوڙي جنهن سان سرڪاري ملازمن جا ٻارڙا ۽ غريب ماڻهن جا ٻارڙا سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن، اڄ ڪلهه ججن ۽ سرڪاري آفيسرن جا ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهن ها ٿا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليمي نظام بهتر نه ٿي سگهيو آهي، رڳو غريبن جا ٻار ئي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، جڏهن ججن، سياستدانن ۽ سرڪاري آفيسرن جا ٻار به سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندا ته ته سرڪاري اسڪولن جي تعليم جو نظام بهتر ٿي ويندو ۽ ملڪ جي عوام جون سموريون ڏکيائون ختم ٿي وينديون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button