نوشهرو فيروز

ضلعي نوشھري فيروز ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ پولنگ اسٽيشنن جي تعداد ۾ اضافو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،نوشهروفيروز

DC Nao Shahro Feroze
ڊي سي نوشھرو فيروز اليڪشن متعلق اجلاس جي صدارت ڪندي

عام چونڊن 2018 جي انتظامن جي سلسلي ۾ هڪ اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر محمد عثمان طاهر جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس نوشهروفيروز ۾ ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ ايس ايس پي نوشهروفيروز عمران قريشي، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر خالد احمد مرزا ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس سان ڳالهائيندي ضلعي نوشهروفيروز ۾ تعلقي ۽ يوسي سطح تي آئنده عام چونڊن جي سلسلي ۾ نقشا اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر خالد احمد مرزا اجلاس کي ٻڌايو ته ضلعي ۾ عام چونڊن جي تيارين جي سلسلي ۾ ووٽر لسٽن جي تصديق، درستگي ۽ نئي شناختي ڪارڊ رکندڙ نوجوانن جي ووٽ جي داخلا جو عمل 15 جنوري 2018 کان شروع ٿي ويوآهي جيڪو 18 فيبروري تائين جاري رهندو. نين ووٽر لسٽن جي چپائي 6 مارچ کان 4 اپريل ٿيندي. جن تي اعتراض ۽ دعويٰ 14 اپريل تائين نبيريا ويندا جڏهن تهي 30 اپريل تائين حتمي ووٽر لسٽون ڇاپيون وينديون. ان وڌيڪ ٻڌايو ته ووٽر لسٽن جي تياري جي سلسلي ۾ 595 تصديقي عملو، 88 سپروائزرمقرر ڪيا ويا آهي جڏهن ته 27 ڊسپلي سينٽر قائم ڪيا ويندا. ان وڌيڪ ٻڌايو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ عوام کي سهولت پهچائڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. 2013 جي عام چونڊن ۾503 پولنگ اسٽيشنون قائم ٿيون ان جي جاءِ ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ضلعي ۾ 811 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر محمد عثمان طاهر چيو ته پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪري جيو ٽيگنگ مڪمل ڪري ۽ انتهائي حساس، حساس ۽ نارمل پولنگ اسٽيشنن جي لسٽ ضلعي انتظاميه کي جلد موڪلي وڃي. ان موقعي تي ايس ايس پي نوشهروفيروز عمران قريشي چيو ته امن وامان قائم ڪرڻ سان گڏ ضلعي جي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيمرا پڻ لڳايا ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button