رانديون

روبوٽ ناهيان، مون کي به آرام کپي: ڀارتي ڪپتان نيٺ ڦاٽي پيو

ڪلڪتا: روبوٽ ناهيان، مون کي به آرام کپي: ڀارتي ڪپتان نيٺ ڦاٽي پيو، سريلنڪا خلاف ٽيسٽ کان ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو ته ڪرڪيٽ کيڏي ٿڪجي پيو آهيان پر آرام جو وقت نٿو ملي، بورڊ ۽ شائقين مون کي روبوٽ سمجهن ٿا پر آئون انهن کي واضع ڪرڻ چاهيان ٿو ته آئون انسان آهيان ۽ انسان ٿڪبا به آهن، ان ڪري مون کي آرام جو موقعو ملڻ گهرجي، هن چيو ته سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز بعد آرام ڪندس، بورڊ کي درخواست ڪندس ته ون ڊي ۽ ٽي-20 سيريز ۾ قيادت ٻئي ڪنهن کي ڏني وڃي جيئن ڪجهه ٿڪ لاهي سگهان.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button