ڪراچي

متحده پاڪستان ۽ پي ايس پي گڏجي ويون، هڪ ئي نالي، نشان ۽ منشور تي چونڊ وڙهڻ جو اعلان

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ويب ڊيسڪ
ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پاڪ سرزمين پارٽي گڏجڻ ۽ ايندڙ چونڊون هڪ نالي، هڪ ئي نشان ۽ هڪ منشور تحت وڙهڻ

PSP MQM
ڪراچي: ايم ڪيو ايم (پاڪستان) ۽ پاڪ سرزمين جا اڳواڻ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي
جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان گڏيل طور تي مثبت ڪوششون سرانجام ڏيون پيا ڇو ته سنڌ aصوبو ۽ ان جو شهر ڪراچي مسئلن ۾ ڦاسي چڪو آهي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار ۽ پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته الطاف حسين جي مهاجرن جي نالي تي سياست ۽ صوبي جي ورهاڱي جي ڳالهه مهاجرن کي نفرت کان سواءِ ڪجهه نه ڏنو، ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته وڏي عرصي کان پاڪ سرزمين سان اتحاد لاءِ ڳالهيون هلندڙ هيون، جيڪي هاڻي اَنا کي ختم ڪرڻ بعد ڪامياب ٿيون آهن. هن چيو ته اسان بدامني ۽ نفرت نه ٿا چاهيون، ووٽ بئنڪ کي ورهايو پيو وڃي، ٻنهي جو گڏجڻ جو مقصد به عوامي خدمت آهي. وڏيرن ان تاثر کي هٿي ڏني ۽ شهري علائقن ۾ به قبضو ڪري ڇڏيو آهي. اسان گڏيل مثبت ڪوشش سان اهو ناجائز ۽ غاصباڻو قبضو ختم ڪرائينداسين. ايم ڪيو ايم جي گُم ٿيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ به گڏجي جدوجهد ڪنداسين. اميد آهي ته هاڻي اسان کي آفيسون به واپس ڏنيون وينديون. فاروق ستار وڌيڪ چيو ته آدم شماري جي جيڪي ناجائزيون ڪيون ويون آهن اهي برداشت نه ڪنداسين. نوڪرين ۽ ترقياتي ڪمن ۾ به حصو ورتو ويندو. پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايندڙ اليڪشن ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پاڪ سرزمين نه صرف هڪ ئي نشان ۽ هڪ ئي پارٽي پليٽ فارم تان وڙهنديون پر ٻنهي پارٽين پاران اميدوار به گڏيل صلاح مشوري سان بيهاريا ويندا. هن چيو ته ايم ڪيو ايم الطاف جي آهي، هئي ۽ رهندي. ان ڪري ايم ڪيو ايم جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهڻ وارو عمل اسان کي قبول نه هيو، جنهن تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ ميٽروپوليٽن شهر ڪراچي ۾ جتي سنڌي، پٺاڻ، سرائيڪي، پنجابي ۽ بلوچن سميت ٻيون قومون به رهنديون آهن اتي مهاجر جي نالي تي سياست ڪئي وئي. اهڙي سياست ڪئي وئي جنهن ۾ مهاجر کان سواءِ ٻيو ڪنهن به قوم جي ماڻهو کي اچڻ نه پئي ڏنو ويو، هاڻي اسان پنهنجي سياست کي مهاجرن واري دائري مان ٻاهر ڪڍي اينداسين. سموري قومن ۽ پوري صوبي جي عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي ويندي. مهاجرن واري سياست نه ڪنداسين. هڪ شخص لنڊن مان ويهي شراب جي نشي ۾ ڌُت ٿي تقرير ڪري سنڌ جي ورهاڱي سميت اهڙي نفرت سان ڀريل تقرير ڪندو هو جنهن تي صبح جو مهاجر شرم ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري گھمندا هئا. الطاف صوبي جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪري سمهندو هو پر هتي هزارين مهاجرن جي زندگي خطري ۾ هوندي هئي. ايم ڪيو ايم پاڪستان سان اهڙو اتحاد جوڙيون پيا جنهن ۾ پسند ناپسند کي پوئتي رکيو ويو آهي . هن چيو ته اسان اهڙي قيادت ملڪ مان آڻڻ چاهيون ٿا جيڪا مستقبل روشن ڪري. هن چيو ته 2018 ۾ گڏجي وڏو وزير به پنهنجو آڻينداسين ۽ وزير اعظم به پنهنجو آڻينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button