خيرپور

خيرپور: پيٽرول پمپس ۽ سي اين جي اسٽيشنن تي ڇاپا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد نواز سوهو جي خاص هدايتن تي شهر جي PETROL PAMPS CHAPA PHOTO 1پيٽرول پمپس ۽ سي اين جي اسٽيشنن تي غير معياري پيٽرول ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙ خلاف اي ڊي سي ٽو عبدالڪريم ميمڻ اوچتي ڇاپا هنيا ۽ بسم الله، مهراڻ، خيرپور آٽو موبائل، رحمن پيٽرول، اٽڪ پيٽرول، ٽوٽل پيٽرول پمپس سميت ٻين پمپس تي پيٽرول جي وڌيڪ اگهه ۽ فائر فائٽنگ وارو سامان صحيح نه هجڻ سبب پيٽرول جو وڪرو فوري طور تي بند ڪرائي ڇڏيو. جڏهن ته فائر فائٽنگ ۽ ٻيو سامان ضبط ڪري ورتو. اي ڊي سي ٽو عبدالڪريم ميمڻ پيٽرول پمپس مالڪن ۽ مينيجرن کي هدايت ڪئي ته هو غير معياري پيٽرول جو وڪرو فوري بند ڪن ۽ عوام کي سرڪاري اگهن تي پيٽرول جي فروخت کي يقيڻي بڻايو وڃي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي ۽ سندن پيٽرول پمپس مستقل طور تي سيل ڪيا ويندا هن چيو ته غير معياري ۽ سرڪاري اگهن کان وڌيڪ وٺڻ وارن کي بخش نه ڪيو ويندو ۽ ايندڙ ٻن ڏينهن اندر پيٽرول پمپس کي ٻيهر چيڪ ڪيو ويندو جنهن خلاف ورزي ڪئي ان جو پيٽرول پمپ سيل ۽ ذميوار ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪرايو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button