هنڱورجا ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن جو بااثر پاران ڌمڪيون ڏيڻ جي خلاف احتجاج

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
هنڱورجا ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن جو بااثر پاران ڌمڪيون ڏيڻ جي خلاف احتجاج تفصيل موجب هنڱورجا ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن قربان جوڻيجو ،لقمان ڏهر ،غلام مصطفي ڏهر ،نجم الدين ڏهر ،امير بخش سولنگي ۽ٻين پريس ڪلب پهچي با اثر جي پاران ڌمڪيون ڏيڻ جي خلاف احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته با اثر اقبال حسين اسان کي بنا جواز جي تنگ ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ نوڪرين مان نيڪالي ڏيارڻ جون ڌمڪيون ڏئي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اسان غريب ملازم آهيون ڊيوٽي جا پابند آهيون پر ان با وجود اسان کي ڌمڪايو وڃي ٿو هنڱورجا ٿاڻي تي اهڙي درخواست پڻ ڏئي چڪا آهيون پر ان با وجود تدارڪ نه ٿو ڪيو وڃي هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪري با اثر جي خلاف سخت ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ بک هڙتال ڪئي ويندي