ڪراٽي جي عالمي مقابلن ۾ خيرپور جي ٻن رانديگرن پاڪستان جي ٽيم ۾ سليڪشن ٿي وئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،خيرپور
پاڪستان ڪيوڪيشن ڪراٽي ايسوسيئيشن پاڪستان طرفان 20 مئي تي انڊونيشا ۾ ٿيندڙ ڪراٽي جي عالمي مقابلن ۾ خيرپور جيمخانه ڪلب ڪراٽي ايسوسيئيشن جي 2 رانديگرن پاڪستان جي ٽيم ۾ سليڪشن ٿي وئي. انڊونيشيا ۾ 20 مئي تي ٿيندڙ عالمي مقابلن ۾ مائنس 75 ويٽ ۾ عبدالرحمان ڦلپوٽو ۽ مائنس 65 ويٽ ۾ عارف جاني پٺاڻ شامل آهن جيڪي 18 مئي تي خيرپور کان ڪراچي جتان بعد ۾ انڊونيشيا لاءِ روانا ٿيندا. ان سلسلي ۾ ڪراٽي جي رانديگرن خوشيءَ جو اظهار ڪندي دعا ڪئي آهي ته خيرپور جا ٻئي رانديگر عالمي مقابلن ۾ پوزيشنون ماڻي خيرپور، سنڌ سميت ملڪ جو نالو روشن ڪندا.

شيئر ڪريو