مٺي جو مور ممتاز

حسين جروار
jarwarٿر هميشه مون سميت گھڻن ماڻهن جي روح ۾ رچيل رهيو آهي ، ان جي واريءَ جون ڀوريون ڀٽون هميشه منهنجي روح جي بيتاب وادين منجھھ قرار، خوشين ۽ مسرتن جا اڻ ڳڻيا، اڻ ڇهيا، نفيس احساس پيدا ڪري ڇڏين ٿيون. انهن ڀٽن منجھھ الاهي ته ڪهڙي عجيب ،غير محسوساتي بيقراري، روح پرور طلسمي ڇڪ، رومانس ۽ آنڌ مانڌ آهي جيڪا منهنجي روح جي ڪل ڪائنات کي پنهنجي حسناڪين سان ڪڏهن بنه بيقرار ۽ ماندو ڪري ٿي ماري ته وري ڪڏهن پا ٻوه ۽ پريت جا مڌ پيالا پياري اهڙوپرسڪون ڪري ٿي ڇڏي جيئين فيض چيو آهي “سڪون ايسا ڪي مر جاني ڪو جي چاهتا هي”. مون پنهجي صفا ٻالڪپڻ جي زماني کان ٿر کي ڏٺو آهي اهو شايد 1990 جو ڏهاڪو هو جو آئون شاگرد سياست ۾ پير رکي چڪو هيس ۽ صرف 18 سالن جي صفا لا اٻالي عمر ۾ اڪيلو بدين، ميرپورخاص، سانگھڙ، حيدراباد جا تنظيمي دورا پيو ڪندو هيس. هڪ دفعي ته بنه ڪرفيو لڳل حيدراباد وڃي پهتس،هڪڙو دوست گڏ هيو، گاڏي کاتي پهچڻ بعد دوست چيو ته اڳواڻن کي ٻڌايون ته اسانجي ايفيشنسي ڏسو ته اسين ڪرفيو هوندي به حيدراباد جي بنھه جھيڙي جي مرڪز گاڏي کاتي اچي پهتا آهيون. ٽنڊي الهيار کان مٺي ويندي اسانکي ميرپورخاص، ميرواه گورچاڻي، ڊگڙي،ٽنڊو جان محمد، جھڏو،نئون ڪوٽ جي شهرن مان گذرڻو پوندو هيو ۽ انهن سمورن شهرن جي ان زماني ۾ حالت امداد جي ان شعر وانگر هئي “ته هي منهجو شهر آ يا دشمن جو شهر آ “ اهڙي حالت هوندي به هر شهر ۾ ترسي اتان جي سنگت سان ملاقاتون،خبرون، حال احوال، چار چار ڪندي پوءِ مٺي پهچڻو هوندو هيو. لوڪل بسن ۾ طرح طرح جا گانا پيا وڄندا هيا جن مان لطف اندوز ٿيندي، نئون ڪوٽ مان مٺي جي بسن ۾ وڃي سوار ٿيڻو هوندو هيو. ٿر جي وارياسي ڌرتي شروع ٿينديئي واري جي ڀٽن جا دل ڇهندڙ منظر ، مال جي چڙن جا مڌر ، سريلا سر، ڌنارن جا روح پرور آلاپ، اڇا پٽڪا ۽ گوڏون ٻڌل مڻيادار مرد، گج ۽ چنريون پهريل پدمڻين جي مٿي سٿيل گھاگھرون ، اهو سندر سنيهو ڏينديون هيون ته اوهين “کڙي نيم ڪي نيچي واري مائي ڀاڳي، گوري سرڪار جي خلاف گوريلا ويڙه جي علامت ننگر جي ارڏن ڀيلن ۽ کوسن ،وطن پرستي جي ديوي مارئي، مسڪين جهان خان جهڙن قدآور سماج سڌارڪن،مذهبي تنگ نظري ۽ تعصب جي ڪوڙه کان ڪوهين ڏور پيار، اهنسا، ماڻهپي جي پيامبرن، لطيف، سچل ۽ سامي جي اصلي ڪردارن ،
ٿر ٿوهر، گھر جھوپڙا ٻارڻ جنين ٻوه،
رات به منهنجي روح ويٺي سانگي ساريا
۽
مارا اڏتا پکيئڙا ڪڏهن آئو نه ماري ديس“
واري ٿرجي ٿڌي واريءَ تي پنهنجا قدم رکي چڪا آهيو.
ٿر جي انهي بي پناه ڇڪ، پاٻوه ۽ پيار جو هڪڙو بنيادي سبب اسانجي دوستي جو حلقو ، انهن پيارن دوستن، سنگتين، هڪ جيڏن جو پنهجائيپ وارو احساس، دوستي، ڀائيڻ وارو اندازهيو جنهن ٿر ڏانهن اسانجي ڇڪ ءِ اڪيرجي سڳي ۾ ايڏي اڻ تڻ ، آنڌ مانڌ کي اوتي ڇڏيو هيو جو پارٽي اسانتي ڪنهن ٻي ضلعي جو ڪم رکندي هئي پر اسان اتان ڦري وري
،“ نئون نيئر ، ڏه ڏاوڻيون، پندرهن پيد پياس،
بغاڙيون بغلن ۾ لکين لوه لڳياس،
جڏهن سڄڻ ياد پياس ته ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي
“ مصداق اچي مٺي جي اونچن ڀٽن جي سيني تي سڪون جو ساه کڻندا هياسين. ان محبت ۽ پاٻوه جي نازڪ سڳي مان ذري گھٽ ٽي ڏهاڪا گذا رڻ ۽
“سونهن جھڙي جواني اسانکان کسي عمر ڪئي ايڏي ٺڳي“،
جي احساس جي باوجود به نڪري نا هيون سگھيا. اڄ جڏهن به موقعو ملي ٿو ءِ جيترو به ملي ٿو ، اسان جي واڳ ، واٽ ۽ مهارون مٺي ڏانهن هجن ٿيون. جيئن مٺي جي شهر پهچبو ته اسان جهڙو ئي بي چين روح، پنهجي اندر۾ بنه معصوم اجرو۽ سٻاجھڙو، پنهنجي چهري تي هميشه مٺڙي مرڪ سجايو، پنهجي کليل ٻانهن ۽ ڪشادي دل سان اسان واندن جي انتظار ۾ بيٺو هوندو. اصل ۾ هن جي پيار، پا ٻوه ، دوستي ۽ قرب به اسانجون عادتون بنه بگاڙيون آهن ان ڪري ئي هو سدائين ، هر موقعي تي پنهجي پياري سڀاءِ سان اسانجي دلين تي پنهجو راڄ قائم ڪريو ويٺو آهي.
منهنجو ۽ ممتاز جو تعلق ذري گھٽ اڍائي ڏهاڪن جو آهي. هي شايد 1993 جو زمانو هيو جو مٺي ۽ نئي ڪوٽ ۾ وڃبو هيوته ٻه چار دوست هيا جن ۾ ممتاز نهڙيو۽ ڪاشف بجير پيش پيش هوندا هيا. ڪاشف ته اين جو اوز جي دنيا ۾ وڃڻ سبب مٺي مان نڪري حيدرآباد هليو ويو پر ممتاز جيڪو اصل ته نئي ڪوٽ جو هيو پر مٺي سان سندس جڙت، محبت، لڳا ۽ هتان جي سنگت سان سندس من اهڙوته اڙيو جو مٺي ۾ اچي ديرا ڄمايائين.
جڏهن مون 1994 ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلاا ورتي ته ستت ئي پوءِ ممتاز به شايد 1996 ۾ اچي يونيورسٽي مچائي. هاڻي اڪثر اسانجو گڏ اٿڻ ويهڻ ٿيندو هيو، يونورسٽي ۾ گڏ هونداهياسين ۽ حيدرآباد گاڏي کاتي ۾ به اسانجون شامون گڏ گذرنديون هيون. هي رهندو جي او آر ڪالوني ۾ هو پر باقي وقت اسين گڏ هوندا هياسين. هي هميشه ماٺيڻو، گھٽ ڳالهائو، ڌيمي مزاج وارو هوندوهو جيڪو شايد ٿري ماڻهن جو خاصو به آهي. ڪنهن به دوست سان وڏي سر ڳالهائڻ هن سکيو به نه هيو. هڪ دفعي جي ڳالھه آهي جو اسان جو جيئي سنڌ جي وارن سان جھيڙو هلندڙ هيو، اسان اڳيئي هڪ دفعو جيل جي سلاخن مان نڪري آيا هياسين وري آرٽس فيڪلٽي ۾ انهن سان جھيڙي جو امڪان هيو. جيئي سنڌ جي دوستن جيڪي اسان کان اڳئي خائف هيا تن سامهون اچڻ بجاءِ وي سي ۽ رجسٽار جي معرفت پوليس جا اٽالا گھرائي اسان کي گرفتار ڪرايو. الزام اهو هنيو ويو ته هنن وٽ هٿيار آهن. هٿيار هجن ته نڪرن ، خوف جو اهو عالم ڏسڻ وٽان هو ڇا ڪاڻ ته جيئي سنڌ جي دوستن جي رعب، دهشت ۽ دٻدٻي جي ته سڀني کي خبر آهي. جڏهن اسين گرفتار ٿي پهرين ڪوٽڙي پهتاسين ۽ ايف آءِ آر پي ڪٽي ويئي ته هر ڪنهن کان پي پڇيائون تون ڪير، تون ڪير، جڏهن ممتاز ٻڌايو ته آئون ٿري آهيان ته پوليس واري چيو ته اڙي هي ته ٿري آهي ، هن کي ته ڇڏيوس پر ممتاز چيو ته آئون سنگت سان گڏ آهيان. واقعي ممتاز جي طبيعت ايڏي ماٺيڻي ۽ ڌيمي آهي جو ويچارا پوليس وارا به هن جي معصوميت تي فدا ٿي ويا. پوءِ جڏهن نارا جيل ۾ گڏ هياسين ته اتي شهيد عاشق جوڻيجي کي بند وارڊ ڪري، ٽي ڏينهن ٽنگي شديد تشدد ڪيو ويو. يونيورسٽي جي انتظاميه تي جيئي سنڌ وارن جي اثر ۽ شديد دٻاء سبب اسانجي ملاقات به بند رهي، جنهن سبب جيل ۾ اسانجو وڏو هل هلي ويو. عاشق کي ڪنهن قيدي ، صفائي ڪندڙ معرفت ڪجھھ فروٽ ڏنا ته هن هڪ صوف مون ڏانهن به ڏياري موڪيلو ۽ چيو ته همراهن کي چئنجان ته عاشق تيار آهي توهان ڀاڙيا متان ٿجو.ممتاز اهو پهريون دفعو اسان سان گڏ جيل هليو هيو پر هڪ مڙس ماڻهو جيان ڄميو بيٺو رهيو. اسان عاشق جي بند وارڊ هجڻ سبب ڪافي ڏينهن بک هڙتال ڪندي جيل جي قانون کي ٽوڙيندي جوڙي نه ڏيڻ ۽ راشن نه وٺڻ جو اعلان ڪيو ، پوليس اسانجي ٽولي کي ٻن حصن ۾ ورهائي الڳ کولين ۾ بند ڪيو هيو، روز ڊپ ڏيندا هيا ته هاڻي ٿو اوهان تي آپريشن ٿئي بک هڙتال ختم ڪريو پر ممتاز سميت جيڪي دوست پهريون دفعو جيل هليا هيا سي بلڪل اڏول ٿي بيٺا رهيا. هڪ لمحوبه اهڙو نه آيو جواسانجا ساٿي خوف جو شڪار ٿيا هجن. ڪجھھ قيدين به اسان کي چيو ته اڄ حالات ٻڌائين ٿا ته توهان تي اڄ جي آپريشن نه ٿيو ته ڪڏهن به نه ٿيندو. اصل ۾ قيدين اندر ڪجھھ اهڙا به قيدي هوندا آهن جيڪي دراصل جيل انتظاميه جا چمچا هوندا آهن جيڪي باقي قيدين کي ڊيڄاريند آهن پر اسان جا ساٿي بنان ڊپ جي اڏول ٿي بيٺل رهيا، جنهن ۾ هڪڙو هي ٿريو همراه به هيو. پوليس اسانکي ڊيڄارڻ خاطر ڪجھھ نون قيدين کي فجر جي ٽائيم ۽ شام جو کولين مان ڪڍي اسانجي کولين جي ويجھو اچي ڪٽڪاڙا لاهيندا هيا، قيدين جون رڙيون، آهون، ڪيڪون، ۽ زاريون هونديون هيون پوءِ اچي اسانکي ليکا ڏيندا هيا ته ڪامريٽ مڙي وڃو، بک هڙتال ختم ڪريو، راشن وٺو، ڇو اچي اسا نکي ڏچي ۾ وڌو اٿو. عاشق کي ائين پهرين ڏينهن کان تشدد جو نشانوبنايائون پر ڪنهن هڪ قيدي سندس رڙبه نه ٻڌي،ان ڪري سمورن قيدين وٽ اسانجو شان وڌي ويو ته همراه مڙس ماڻهو آهن. جيل ۾ اهو مڙس ماڻهو جو معيار هوندو آهي.اسانجي ان سڄي سنگت ۾ هڪڙو لاٺڙيو اجتماعي “معشوق“ هوندو هيو اسانجو، جنهن کان سواٰءِ ڪجھھ دوستن جي بلڪل سرندي ڪانه هئي. هرڪو، صبح شام وات ۾ ڏس هڪڙوئي اکر ابا، لاٺڙيو ڪيڏانهن ويو. ڪڏهن ڪڏهن لاٺڙيو صفا گم ٿي ويندو هيو ته همراهن جا ٻوٿ ڦريا پيا هوندا هيا، هاڻي جيسين لاٺڙيوفقير ميدان تي رسي تيسين همراه ڪنهن سان ڳالهئڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندا هيا. عاشق ۽ ممتاز ٻئي “ريڊ اينڊ وائيٽ“ سگريٽ پيئندا هيا ته عاشق هميشه ممتاز کي چوندو هيو ته استاد لاٺڙيو ته پيار، اهو ريڊ اينڊ وائيٽ لاٺڙيو پوءِ سڄي سنگت ۾ مشهور ٿي ويو . هر ڪو پيو چوندو هيو ابا لاٺڙيو ته پيار.ان لاٺڙي پياري سان اسانجون ڪئي يادون وابسطه آهن.اسانجي جيل جو ساٿي، اسانجي ڏکن سکن جوونڊيدڙ،اسانجي بکن جو ڀرجھلو، اسانجو لاٺڙيو. تنهن جوناتو اسان سان هڪڙي ساٿي جهڙو رهيو آهي جيڪو دراصل ممتاز درويش جو متعارف ڪرايل آهي.
اسانجي يونيور سٽين جي هڪ ڪارنامي مان وڏو ڪارنامون اهو به رهيو آهي جو اهي گھڻو ڪري تشدد پسند شاگرد ليڊرن ۽ تنظيمن جي اثر هيٺ رهيا آهن. جڏهن عاشق ، ممتاز وارن جون داخلائون ٿيون هي همراه اتي پڙهڻ لڳا ، ڪلاس اٽينڊ ڪيائون پر جڏهن اسانجا جيئي سنڌ وارن سان جھيڙا ٿيا ۽ جنهن ڏينهن عاشق شهيد ٿيو ته رجسٽار پريس رليز جاري ڪيو ته عاشق شاگرد ئي ناهي ، اهو هيو سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميه تي اسانجي جيئي سنڌ جي دوستن جو اثر، نه رڳو اهو پر جن ٻين دوستن جي به داخلا جا ڪاغذ گم ڪيا ويا هيا، تن مان ممتاز به هڪ هيو، ممتاز جي داخلاا فلاسفي جي شعبي ۾ ٿي هئي. مزي جي ڳالھه اسان وٽ في جو رسيدون به هيون جيڪي اسانجن دوستن اي سي ٽو ۾ پياريون هيون.هي همراه هو به فلسفي پڙهڻ جهڙو پر رڳو سندس داخلا وارا ڪاغذ ظاهر نه ڪيا ويا. آخر ۾ اهڙو ماحول خراب ٿيو جو يونيورسٽي ڪافي سال نه سڌري. ممتاز انهن ڏينهن ۾ صحافت به شروع ڪئي جيڪا هو اڄ تائين جاري رکيو پيو اچي.
ائين سياسي دوستي کانپوءِ اسانجي پاڻ ۾ ذاتي دوستي به ٿي، هڪ ٻي جي ڏک سک ۾ شامل ٿيڻ، هڪ ٻئي جي ڳوٺ اچڻ وڃڻ جو سلسلو به شروع ٿيو. ممتاز ڪافي دفعا منهجي ڳوٺ به ملڻ آيو، جڏهن منهجي طبعيت خراب هئي ته هي اتي ايندو هيو، ڪڏهن ملاقات نه ٿيندي هئي ته ملاقات جا بهانا پيا ڳوليندا هياسين. آئون سدائين ممتاز کي همٿائيندو هيس ته تون ڪتاب پڙهوندو ڪر، پنهجي معلومات ۾ اضافو ڪر ۽ هي اوڏو شوق سان ڪتاب وغيره پڙهندو هيو. وچ ۾ ڪجھھ سال اهڙا به رهيا آهن جو مصروفيتن هجڻ ڪري اسانجون ملاقاتون گھٽجي ويون هيو پر پٺين ٻن سالن ۾ اهي وري ساڳي جاه و جلال سان هلي رهيون آهن. اسا نجي سوچ هڪ جهڙي آهي، هڪڙئي غربت واري ماحول مان نڪرڻ، سياست جا سال گڏ گذارڻ ، پنهنجي پنهنجي زندگي جي گاڏي کي ڌڪڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ، تڪيلفون سهڻ، هر حال ۾ سنگت سان گڏ هجڻ اهي هن جون خاصيتون آهن. جڏهن به ٿر وسي، ماڻهن جي پيه ٿئي ٿر ڏانهن ته ممتاز کي فونون اچن، پوءِ هي همراه پيو انهن لاءِ رهائيش جا بندوبست ڪندو، مانيون پيو ٺهرائيندو، هر شي جي ذميواري ڄڻ هن جي ڪلهن تي رکيل آهي. هن جي ان سڀاءِ سبب هن جي دوستي جي حلقي جون سرحدون مٺي ۽ ٿر کان نڪري هاڻي سڄي سنڌ تائين ڦهلجي ويون آهن. هن جي سيني منجھھ مٺي جي ڀٽن ۽ ننگر جي ڪارونجھر جيڏي وسعت، هن جي سوچ ۾ ٿر جي مورن جيڏي خوبصورتي ۽ آواز ۾ ٽهوڪن جيڏو جادو آهي، هن جي سادگي ۾ ٿر جي چوئنرن جهڙي سونهن، هن جي آڌرڀاءِ ۾ ٿر جوپيار ۽ سڀاءِ آهي جيڪو هر نئين ملندڙ کي پهرين ملاقات ۾ اهو ٻڌائي ٿو ته ممتاز ڄاڻي ٿو ته دوستي ڪيئن رکجي،دوستي جو ڀرم ۽ لڄ ڇا ٿيندي آهي. هن کي دوستن جيڪا پنهجي زندگي ۾ عزت بخشي آهي سا به گھڻن کي مئي پڄاڻا به نٿي ملي. ان معاملي ۾ هي به همراه ڀاڳن وارو آهي.
هن جي ذات جا ڪافي رخ آهن، سٺو دوست، بي لوث ماڻهو، بهترين صحافي، سٺو شاعر ۽ انتهائي سريلو، درديلو، مٺو۽ گھائيندڙ آواز رکندڙ به آهي. گذريل سال آئون جڏهن به مٺي ويس ته هن پنهجي پياري ، من مونهيندڙ سريلي آواز سان ، پنهجي شاعري ڳائي ٻڌائي. آئون هميشه هن کان پنهنجي شاعري، سندس آواز ۾ ٻڌندو آهيان ۽ ان جو مزو وٺندو آهيان . گذريل دفعي جڏهن آئون مٺي ويو هيس ته هن گڊي ڀٽ تي رات جي بنھه پويئن پهر ۾ پنهجي سريلي شاعري ۽ پنهجي مڌر آواز جي ترنم جو جادو جاڳايوته مون اهو محسوس ڪيوته ڄڻ گڊي ڀٽ ، سامهون نظر ايندڙمڌم روشنيون، ستارن جي ٽم ٽم ، ٿر جي گھميل هوا، آڌي رات جوجوڀن، ڀورين ڀٽن جي سر سراهٽ هن جي درديلي آواز ءِ پرسوز شاعري تي ڄڻ مي رقصم مي رقصم جي وجدان ۾ آهن ۽ زمانن ۽ مڪانن جي پلصراتن کان پار ٿي جڏهن مون سندس آواز ۽ شاعري فيس بڪ تي شئير ڪيا تڏهن نه رڳو منهنجي پهنجهي گھر جي ڀاتين پر ڪئين پرديس ۾ رهندڙ سنڌين پنهنجا لڙڪ هن جي ڪلامن،
رات کٽي ويئي، انتظار کٽي نه ٿو
اکڙين جو کٽو پاڻي پر پيار کٽي ٿو
۽
سمنڊ ڪناري روئان ويٺو
هن کي ساري روئان ويٺو
“ تي نيرو نير وهائي ڇڏيا. هڪڙي ويجھي دوست مون کان پڇيو، هن جي آواز ۽ شاعري ۾ درد ڪٿان آيو آهي ته آئون لا جواب ٿي سوچيندو رهيس ته واقعي آئون ته ممتاز کي نٿو سڃاڻان پر آئون مهينن پـڄاڻان به هن جي درديلي آواز، سريلي سنگيت، گھائيندڙ شاعري ۽ گڊي جي جوڀن رات جي سيني ۾ سمايل انهن يادگار لمحن جي هينگ اوورکي اڃان لاهي نه سگھيو آهيان. آئون ممتاز سان ملهانجيندڙ شام ۾ شريڪ نه ٿيڻ تي شرمندو آهيان

شيئر ڪريو