شاھ عبداللطيف يونيورسٽي

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جرنلزم ۾ ماسٽر شروع ڪرڻ جو ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪنٽرولر امتحانات پروفيسر ڊاڪٽر سيد آصف علي شاھ پاران ڄاڻايو ويو آهي ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ سکر ۽ لاڙڪاڻي ريجن جي عوام ۽ صحافين جي درخواست تي سالياني امتحان 2016 ۾ ايم اي (پريويس) جرنلزم ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن ڪنٽرولر امتحانات جي هڪ ٻئي اعلان مطابق يونيورسٽي جي سمورن لاڳاپيل ڪاليجن ۾ بي اي، بي ايس سي، بي ايس سي (هوم اڪنامڪس)، بي ڪام پارٽ ٻي ۽ ايم اي (پريويس ۽ فائنل) بشمول جرنلزم جا امتحاني فارم 24 آڪٽوبر 2016 تائين بغير ڪنهن ليٽ فيس سان ڀري سگھجن ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button