خيرپور

سنت نارائن سنگ جي مکي گُر مُک سنگ سِک کان ڦر

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
جوابدارن گادي نشين سنت نارائن سنگ جي مکي گُر مُک سنگ سِک کي کنڀي بعد ۾ ڦر لٽ ڪري سندس ڏاڙهي مڇون پٽي تذليل جو نشانو بڻايو، اخبار وارن سان ڳالهيون، پوليس جوابدار هٿ نه ڪري سگهي. خبر موجب گذريل ڏينهن ٺيڙهي ڦاٽڪ ڀرسان جوابدارن مکي گُر مک سنگ پٽ نارائڻ سنگ گادي نشين سنت نارائڻ سنگ کي موٽرسائيڪل تي کنڀي بعد ۾ ان کان ڦرلٽ ڪري سندس ڏاڙهي ۽ مڇون پٽي تذليل جو نشانو بڻايو، بعد ۾ کيس روشن آباد ڀرسان اڇلي هليا ويا، خيرپور پهچي مکي گر مک سنگ سک اخبار وارن کي ٻڌايو ته سنڌ اسان هندن جي لاءِ دوزخ بڻائي ڇڏي آهي، مان سنڌ ڄائو آهيان، بيگناهه مون کي ٺيڙهي ڦاٽڪ ڀرسان موٽرسائيڪل تي اغوا ڪري ڪٽڪو ڏنو ۽ پئيسا ڦرڻ بعد منهنجون مڇون ۽ ڏاڙهي پٽي تذليل جو نشانو بڻايو، جوابدارن جو تعلق ڦلپوٽا برادري سان آهي ڏسي کين سڃاڻيندس، جڏهن ته ڦلپوٽا برادري جي سردار اڳوڻي ايم پي اي امتياز حسين ڦلپوٽي کي دانهن ڏني آهي جنهن تحفظ ڏيڻ ۽ جوابدارن کي هٿ ڪرائڻ جو يقين به ڏياريو آهي پر اي سيڪشن پوليس وٽ دانهن کڻي ويس ته انهن منهنجي هڪ به نه ورنائي هن هٿ ٻڌي چيو ته اسان جا ابا، ڏاڏا سنڌ جي ڪک مان پيدا ٿيا، هتي دفن ٿيل آهن ۽ مان به هتي مرڻ جيئڻ ۽ دفن ٿيڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته مان درگاهه جو متولي آهيان، سواءِ بد دعا ڏيڻ جي ڪجهه نٿو ڪري سگهان

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو
Close