تحقيق

پانڊا جون عادتون ۽ حرڪتون

ظھور سولنگي
اوھان ٽيليويزن تي پانڊا جانور ضرور ڏٺو ھوندو يا ان جون تصويرون ڪتابن ۾ ڏٺيون ھونديون، ھي چين pandaجو امن پسند ۽ سادو مزاج رکندڙ جانور آھي. اچوته پانڊا جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪريون.
پانڊا، گھڻو ڪري بانس ۽ ڪجھھ ٻين ٻوٽن ۾ رھندا آھن. پر تعجب جي ڳالھھ اھا آھي ته اھي ٻوٽا خور ناھن. انھن کي جتي به موقعو ملندو ته اھي ھڏا کائيندا آھن ۽ گوشت به کائيندا آھن. پانڊا بظاھر ته بي ڊول نظر ايندا آھن پر جڏھن دشمن سان مقابلو ڪندا آھن ته وڏا چالاڪ ۽ خطرناڪ ھوندا آھن. پانڊا ھڪ خاص قسم جي بانس جا شوقين ھوندا آھن جنھن کي ڪئا به گھڻو پسندڪندا آھن، جتي ڪئا لڪل ھوندا آھن، اتان پانڊا انھن کي ٻاھر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ۽ ان لاءِ ھنن وٽ ھڪ بھترين طريقو ھوندو آھي، سڀ کان پھريان پانڊا ٻرن ۾ چنبن سان مٽي وجھن ٿا، نتيجي ۾ ڪئو، ٻر ۾ نه ٿو رھي سگھي ۽ ٻر مان ٻاھر ڊوڙي ٿو، ته پانڊا چنبو ھڻي، ڪئي کي پڪڙي ٿو ۽ شروع ۾ ڪئي کي نه ٿو کائي، ٻلين وانگر ڪئي سان کيڏي ٿو ۽ ڪئو ڀڄڻ لاءِ مئل ھئڻ جو بھانو ڪري ٿو، جيستائين پانڊا ڪڪ نه ٿو ٿئي ايستائين، راند ھلندي رھي ٿي ۽ جڏھن پانڊا بيزار ٿئي ٿو، ته اھا ڪئي جي پڄاڻي ھوندي آھي. پانڊا نه صرف ڪئن پڪرڻ جا ماھر ھوندا آھن پر گدڙن سان وڙھن جا به ڪاريگر ھوندا آھن، جيئن ته اسان کي معلوم آھي ته، گدڙ چالاڪ ۽ مڪار ھوندا آھن، اڪثر ڪري، اھي ٽولن جي صورت ۾ پاڻ کان وڏن جانورن جو شڪار ڪندا آھن، ايستائين جو ڀورا رڇ ۽ جھنگلي سوئر، انھن کي ڀڄڻ ۾ پاڻ کان تيز ڄاڻن ٿا،پر پانڊا کي گدڙ کي ڦاسائڻ جو پنھنجو طريقو ھوندو آھي، اھي وڻن تي چڙھي وڃن ٿا ۽ گدڙن جو انتظارڪن ٿا، پوءِ جڏھن گدڙ وڻن ھيٺان لنگھن ٿا ته پانڊا ٽپ ڏيئي گدڙن جي پويان حملو ڪن ٿا، گدڙ اڳئين حملي تي زور ڏئي ٿو، جڏھن ته پانڊا اوچتو، ان جي پٺئين طرف کان حملو ڪري ٿو، ڪڏھن ڪڏھن پانڊا، گدڙن کي بلڪل چيڀاٽي ڇڏين ٿا، پانڊا، جيتوڻيڪ دشمنن لاءِ خطرناڪ ھوندا آھن، پر انسانن جا گھاٽا دوست ھوندا آھن، جڏھن سيارو ايندو آھي ۽ ھاري جابلو ڳوٺن ۾ گوشت ۽ مزيدار کاڌا پچائن ٿاته انھن کاڌن جي خوشبوءِ تي پانڊا پھچي وڃن ٿا.
ڪجھھ پانڊا ڳوٺن ۾ کاڌي جي تلاش لاءِ ويندا آھي، اھي ڳوٺاڻن جي رڙين تي ڌيان نه ٿا ڏين، اھي زمين تي ويھي رھن ٿا ۽ ماڻھن ڏانھن گھوري تڪن ٿا، جيڪڏھن توھان پانڊا کي ڌڪ ھڻندئو ته اھي ليٽي پوندو ۽ ھوا ۾ پنھنجا چنبا لوڏيندو، ان جي سادگي جي ماڻھو کلي پوندا آھن. پانڊا ڪڏھن ڪڏھن گھرن ۾ اوچتو اندر اچن ٿا ۽ کائڻ لاءِ ڪٻٽن مان ڪاشيءِ تلاش ڪن ٿا. ان کان پوءِ گھڙي پل لاءِ پانڊا گھر جي اڱڻ ۾ ننڊ ڪن ٿا. ڳوٺاڻ پانڊن کي شريف جانور سمجھن ٿا، تنھنڪري انھن کي جبل ڏانھن واپس موڪلڻ کان پھريان، ان سان کيڏن ٿا.
پانڊا گھڻو پاڻي پيئن ٿا، جڏھن ھڪ پانڊو، نديءِ تي اچي ٿو ۽ پنھنجو پاڇو پاڻي ۾ ڏسي ٿو، ته سوچي ٿو ته شايد ٻيو پانڊو به پاڻي جي اندر آھي، اھو جلدي ۾ پاڻي ايستائين پئي ٿو، جيستائين، ھن جي اڃ ختم نه ٿي وڃي، پر، ڪجھھ قدم واپس ورڻ تي، پانڊو اوچتو ان ڳڻتي ۾ بيھي رھي ٿو ۽ سوچي ٿو ته "شايد ٻيو پانڊو سمورو پاڻي پي نه وڃي” ھو واپس نديءَ ڏانھن موٽ کائي ٿو. پر، پاڇو اڃان تائين پاڻي ۾ موجود آھي ۽ پوءِ وري پاڻي پيئڻ شروع ڪري ٿو، اڪثر پانڊو، ايترو پاڻي پيئندو آھي، جو ھو شرابي انسان وانگر نظر ايندو آھي ۽ ٿاٻا کائيندو آھي.
پانڊا چين جو ھڪ قيمتي ۽ قابل احترام جانور آھي ۽ ان جو نسل پوري ملڪ ۾ وڌي رھيو آھي، ھاڻ ڪجھھ سالن کان پوءِ پانڊا ٻين ملڪن ڏانھن دوستيءَ جي سفير طور موڪليا پيا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button