شڪارپور

خانپور حملي ۾ گرفتار بمبار عثمان جو پيءُ ملا فضل الله جو ساٿي نڪتو

آءِ اين اين، ميڊيا ڊيسڪ
خانپور آپگھاتي حملي دوران گرفتار ڪيل آپگھاتي بمبار عثمان جاچ دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته منهنجو پيءُ ۽ چاچو افغانستان ۾ ملا فضل الله سان گڏ رهيا آهن. جاچ ادارن جي رپورٽ موجب آپگھاتي بمبار عثمان ٻڌايو ته سندس پيءُ رحم گل سوات آپريشن دوران گرفتار ٿي چڪو هو. هن ٻڌايو ته آئون ڪراچي جي بلديا ٽائون جي علائقي اتحاد ٽائون ۾ رهي چڪو آهيان پر رينجرز جي ڇاپن جي ڪري حب منتقل ٿيس. جوابدار ٻڌايو ته سندس هڪ چاچو نواب گل افغانستان ۾ رهندو آهي، پيءُرحم گل آزادي کانپوءِ افغانستان ۾ ڊرون حملي ۾ مارجي ويو.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو
Close