رانديون

پاڪستان وٽ ڪو به ميچ کٽرائيندڙ رانديگر ناهي: مڪي آرٿر

اسپورٽ ميڊيا ڊيسڪ
ليڊز: پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته پاڪستان وٽ ڪو به ميچ کٽرائيندڙ رانديگر موجود ناهي. گذريل ڏينهن ليڊز ۾ کيڏيل چوٿين ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ هٿان پاڪستان کي چئن وڪيٽن تان شڪست کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ مڪي آرٿر جو چوڻ هو ته مون کي ان جملي کان نفرت آهي ته اسان دنيا ۾ نائين نمبر تي موجود آهن ۽ اسان کي ان جو سبب پڻ معلوم آهي. هن چيو ته انگلينڊ هڪ بهترين ٽيم آهي، جنهن ۾ سڀ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگر آهن، جڏهن ته پاڪستان وٽ ڪو به ميچ کٽرائيندڙ رانديگر موجود ناهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button