خيرپور

الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو هڪٻئي کان الڳ ٿيڻ ڏاڍي مشڪل ڳالهه آهي، پيرپاڳارو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور

خيرپور: پير صاحب پاڳارو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رھيو آھي.
خيرپور: پير صاحب پاڳارو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رھيو آھي.

حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري چيو آهي ته الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو هڪٻئي کان الڳ ٿيڻ ڏاڍي مشڪل ڳالهه آهي، خدا منظوروساڻ جي زبان قبول ڪري جنهن ۾ هن چيو هو ته عوام ڪجهه ڏينهن ۾ سک جو ساهه کڻندو، ڌرڻا، جلسا، جلوس هر پارٽي جو حق آهي پر ڪنهن جي گهر تي وڃڻ مناسب نه آهي، پيرڳوٺ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي فنڪشنل ليگ سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پيرپاڳاري چيو ته فاروق ستار شريف ۽ غريب ماڻهون آهي، پارٽي هلائڻ سندس وس جي ڳالهه نه آهي، هن چيو ته عوام تبديلي چاهي ٿو، جنهن لاءِ عوام کي روڊن تي نڪرڻو پوندو، هن چيو ته راحيل شريف بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، پر اهي ئي ڪم جيڪڏهن چار پنج سال پهريان ٿين ها ته ملڪ ۾ هن وقت صورتحال تبديل هجي ها ۽ بهتر هجي ها، هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻاهرين مداخلت اهي جنهن جو ثبوت ڀارتي ايجنٽ جو پڪڙجڻ آهي، پيرپاڳاري چيو ته جهڙي نموني جمهريت جي گاڏي هلي رهي آهي اها سمجهه کان ٻاهر آهي، پيرپاڳاري جوچوڻ هو ته فاروق ستار هڪ شريف ۽ غريب ماڻهون آهي، ان ڪري پارٽي هلائڻ سندس وس جي ڳالهه نه آهي، پيرپاري وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي تبديلي نه ايندي ڇاڪاڻ جو سنڌ جو وڏو وزير موجوده ڪابينا جو اٺن سالن تائين حصو رهيو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button