پرڏيھي خبرون

”مسلمانن جي حقن لاءِ وڙهنداسين“فيس بُڪ جو باني مارڪ زڪربرگ

Mark Zuckerberg (640x360)فرانسسڪو: فيس بوڪ جي مالڪ  ۽ سي اي او  مارڪ زڪربرگ پيرس ۽ سان برناڊينو ۾ ٿيندڙ تازن حملن  کانپوءِ ڊپ ۾ ورتل مسلمانن  جي حمايت ڪري ڇڏي.خطرانڪ حملن جي روشني ۾ مارڪ زڪربرگ پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تي هڪ پيغام موڪليو آهي ته آمريڪا ۽ پوري دنيا ۾ موجود مسلمانن  کي يقين ٿو ڏياريان ته اسان توهانجي حقن خاطر وڙهنداسين، توهان جو تحفظ ڪنداسين ۽ مسلمانن لاءِ هڪ نئون بهترين ماحول ٺاهينداسين.پيرس حملن ۽ نفرت واري ماحول کانپوِ هن وقت رڳو مسلمانن ۾ ئي  ڊپ ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته يهودي هجڻ جي ناتي مونکي پنهنجا والد چئي ويا هئا ته ڪنهن به ڪميونٽي سان ظلم ٿئي ان جي خلاف اٿي بيهو توڙي جو حملو توهانجي مٿان ناهي ٿيو پر اهو حملو سڀاڻي توهانجي مٿان به ٿي سگهي ٿو.فيس بڪ مالڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن توهان هڪ سچا مسلمان آهيو ته فيس بُڪ جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ مان توهانکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته توهانکي سدائين ڀليڪار چونداسين ۽ توهناجي حقن خاطر وڙهنداسين،اسانکي گهڻو وقت پاڻ سنا گڏ رهڻ کپي ۽ هڪ ٻئي جو خوبيون بيان ڪرڻ گهرجن، ته جيئن ايندڙ نسل لاءِ هڪ نئين دنيا ٺاهي سگهون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button