ڪراچي

ڪراچي آپريشن سياسي نه پر بلاامتياز ۽ دهشتگردي جي خاتمي تائين جاري رهندو: راحيل شريف

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪراچي
Army Chief (640x230)
آرمي چيف جنرل راحيل شريف اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪراچي آپريشن بنا ڪنهن فرق جي جاري رهندو ۽ آپريشن مڪمل ڪرڻ کانسواءِ هتان واپسي ممڪن ناهي، هڪ نجي ٽي وي مطابق ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ آرمي چيف چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن جي ڪري امن و امان جي صورتحال ۾ واضح نموني بهتري ٿي آهي ۽ امن و امان جي صورتحال ۾ بهتري قربانين جو نتيجو آهي، ان لاءِ ڪراچي جي امن و امان کي ٻيهر خراب ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته ڪراچي آپريشن مڪمل طور غير سياسي آهي، آپريشن لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جو وڌيڪ تعاون جي ضرورت آهي، ڪراچي دهشتگردن ۽ انهن جي حمايتن خلاف آهي هتان هاڻي واپسي ممڪن ناهي، آرمي چيف اجلاس ۾ ڪراچي پوليس کي جديد هٿيار ڏيڻ جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته پوليس کي آپريشن جي لاءِ جديد هٿيار ڏيڻ گهرجن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button