دپيڪا پدوڪون به هالي ووڊ ۾ جوهر ڏيکاريندڙ ڀارتي اسٽارز جي فهرست ۾ شامل

هالي ووڊ اداڪار ون ڊيزل جي ايندڙ فلم ۾ ڪم ڪندي ، ٽوئٽر تي ون ڊيزل سان گڏ نڪتل تصويرون به اپ لوڊ ڪيون

ممبئي: بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پدوڪون هالي ووڊ ۾ جوهر ڏيکاريندڙ ڀارتي اسٽارز جي فهرست ۾ شامل ٿيڻ واري آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق دپيڪا پدوڪون اشارو ڏنو آهي ته هوءَ هالي ووڊ اداڪار ون ڊيزل جي ايندڙ فلم ۾ ڪم ڪندي، دپيڪا پدوڪون سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي هالي ووڊ اداڪار ون ڊيزل سان گڏ نڪتل تصويرون به اپ لوڊ ڪيون آهن، جنهن جي بيڪ گرائونڊ تي فلم جو نالو به لکيل آهي، واضح هجي ته ان کان پهرين پريانڪا چوپڙا، ايشوريا رائي بچن، عرفان خان، انيل ڪپور ۽ ٻيا ڪيترائي ڀارتي اداڪار هالي ووڊ ۾ ڪم ڪري چڪا آهن.