زراعت

ميرڪ مائينر جي پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ،ٻن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن جو مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
Hingora
ميرڪ مائينر جي پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ،ٻن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ۽ اسڪارپ ڪاتي جي ٽيوب ويل ڪي اي 80 چار سالن کان ناڪاره هجڻ جي خلاف آبادگارن ۽ هارين جو ڇهين ڏهاڙي به احتجاجي مظاهرو هنڱورجا سڳيون لنڪ روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي بک هڙتال جاري .آبادفارن جي ڪئيمپ تي ڇهن ڏينهن کان پوءَ ايس ڊي او آبپاشي پهچي آبادگارن کي احتجاج ختم ڪرڻ لاءَ منٿون ڪيون پر آبادگارن اگحتجاج ختم ڪرڻ کا ن صاف جواب ڏئي ڇڏيو.تفصيل موجب ميرڪ مائينر جي ٻن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ،پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ۽ اسڪارپ کاتي جي ٽيوب ويل ڪي اي 80 چار سالن کان مڪمل ناڪاره هجڻ جي خلاف آبادگارن ۽ هارين محمد جمن سهتو ،محمد جمن شاه ،حسن سيال ،ماجد سيال مظهر سيال ممتاز ملاح جي اڳواڻي ۾ سمي شهر کان احتجاجي پيادل مارچ ڪري ميرڪ مائينر جي پل وٽ هنڱورجا سڳيون لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو احتجاج ڪندڙ آبادگارن آبپاشي عملدارن خلاف نعرا هڻي رهيا هئا بعد ۾ آبادگار ڇهن ڏينهن کان قائم بک هڙتال ڪئيمپ تي پهچي آبادگارن جي وڏي انگ علامتي بک هڙتال ڪئي آبادگارن جي ڪئيمپ تي ڇهن ڏينهن کان پوءِ ايس ڊي او آبپاشي محمد ابراهيم خواجه پهتو آبادگارن کي احتجاج ختم ڪرڻ لاءَ منٿون ڪيون پر آبادگارن مائينر جي کاٽي ٿيڻ ،پڇڙي تائين پاڻي جي پهچڻ تائين پنهنجو احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪندي ايس ڊي او کي پنهنجو احتجاج ختم ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي ان موقع تي آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو اهي ته آبپاشي جا ڪامورا ڪوڙا ڏٽا ڏيندا رهيا آهن پر هاڻي ڪنهن دلاسي تي احتجاج ختم نه ڪنداسين .هنن چيو ته ميرڪ مائينر جي ٻن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ جي ڪري مڪمل طور تي پورجي وئي آهي جنهن جي ڪري پڇڙي ۾ پاڻي نه ٿو پهچي اسان ڪڻڪ جو فصل به پوکي نه سگهيا آهيون هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ ۽ کاٽي نه ٿيڻ بابت ڪيترائي ڀيرا آبپاشي عملدارن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءَ تيار نه آهي هنن چيو ته اسان جو هي احتجاج مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button