اسلام آباد

راولپنڊي جي عوام پي ٽي آءِ کي آئينو ڏيکاريو آهي : مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ محمد حنيف عباسي

راولپنڊي: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي رهنما ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حنيف عباسي چيو آهي ته راولپنڊي جي عوام پي ٽي آءِ کي آئينو ڏيکاريو آهي، عمران خان کٽڻ بعد هڪ ڀيرو به پنهنجي راولپنڊي جي تڪ ۾ ناهي آيو، مڪاني چونڊن لاءِ نامزد اميدوارن کان علاوه جيڪي مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن انهن پارٽي جي نظم ۽ ضبط جي خلاف ورزي ڪئي آهي. هو اين اي 56 جي يونين ڪائونسل 21 ۾ پنهنجو ووٽ وجهڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو سربراهه عمران خان اڄ تائين بيڊ روم جي سياست تائين ئي محدود رهيو آهي.هن چيو ته عمران خان کي مشورو ڏنو ته هو هاڻي بيڊ روم جي سياست مان ٻاهر اچي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button