مختصر خبرون

ٻٻرلوءِ ۾ حضرت امام علي رضا جي شهادت جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
ٻٻرلوءِ ۾ حضرت امام علي رضا جي شهادت جو ماتمي جلوس برآمد، عزادارن پاران سينا زني ۽ نوحا خواني، مومنين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، خبر موجب: حضرت امام علي رضا جي شهادت ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ٻٻرلوءِ جي امام بارگاهه کان ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو، جيڪو مختلف روٽن کان ٿيندو مرڪزي هنڌ پهتو، ماتمي جلوس جي موقعي تي مومنين پاران سينا زني پڻ ڪئي وئي، جڏهن ته عزاداري جو سلسلو به جاري رهيو. آخر ۾ لنگر نياز پڻ تقسيم ڪيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button