حيدر آباد

پيپلز پارٽي ملڪ کي آئين ڏنو، عورتن جي حقن لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪيا: مولا بخش چانڊيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مانيٽرنگ ڊيسڪ
Mola Bux Chandioحيدرآباد:وزير اعليٰ سنڌ جي اطلاعات کاتي بابت صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي شهيدن، غازين ۽ عوام جي روح جي پارٽي آهي جنهن هميشه غريب عوام جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي _ اهڙن خيالن جواظهار هن اڄ ضلع ڪائونسل حيدرآباد ۾ پارٽي جي 48 هين يوم تاسيس جي موقعي تي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو _ هن چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ کي آئين ڏنو ۽ 1970 ۾ پارٽي جو بنياد وڌو جنهن هميشه غريب عورتن ۽ مزدورن کي سندن حق ڏنا هن چيو ته پيپلزپارٽي اها واحد پارٽي آهي جيڪا ملڪ ۽ صوبي کي زنده رکيو پئي اچي_گذريل 60 سالن دوران ملڪ ۽ صوبي کي لٽيو ويو پر پ پ پ ملڪ ۾ وڏا ترقياتي ڪم ڪرائي عوام کي سهولتون ڏنيون آهن _ هن چيو ته پ پ پ صرف غريبن سان گڏ بيٺل آهي جنهن ڪري غريب عوام هن پارٽي تي اعتماد ڪري ٿو _ هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هميشه عوام جي ڳالهه ڪندي هئي جنهن جي ڪري کيس رستي تان هٽايو ويو _ هن چيو ته ڪالهه ڪراچي ۾ پ پ پ جي هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي پر مخالف چون ٿا ته پ پ ختم ٿي وئي آهي پر پ پ پ جون پاڙون عوام ۾ کتل آهن _ هن چيو ته بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو نه هڻي ها ته ملڪ خطري ۾ پئجي وڃي ها _ ايندڙ وقت ۾ بلاول ڀٽو پنجاب ۾ ويندو جتي هو جيالن سان گڏ پارٽي کي متحد ۽ مضبوط ڪندو _ هن چيو ته پ پ پ ڪالهه به زنده هئي ، زنده آهي ۽ زنده رهندي جيڪا عوام جي روح ۾ سمايل آهي ۽ وفاق کي مضبوط ڪندي وفاق سان ڪا به حرڪت نه ڪندي جنهن سان جمهوريت کي ڪو نقصان نه ٿئي _ صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته گذريل ٿيل مڪاني چونڊن دوران پ پ پ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي عمل ڪيو پر ڪجهه پارٽين ان تي عمل نه ڪيو ان مان اهو ثابت ٿيو ته پ پ هڪ جمهوري ۽ عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن پاڪستان جو احترم ڪندڙ پارٽي آهي _ هن چيو ته بلاول ڀٽو چيو آهي ته سندس رت ۾ ڀٽو آهي ۽ هو ملڪ جو مقدر آهي ايندڙ وقت ۾ هو ملڪ جون واڳون سنڀاليندو _ هن چيو ته جيڪي پارٽيون پنهنجو گهر نٿيون سنڀالي سگهن اهي ملڪ کي ڪيئن ٿيون هلائي سگهن_ هن چيو ته ميان صاحب جي پارٽي هن وقت مخصوص پارٽي ٿي وئي آهي _ عمران خان هڪ صوبي ۾ کٽي ملڪ جي حڪمراني نٿو ڪري سگهي _ هن چيو ته بدين کي اسان 30 سالن کان سنڀاليو آهي جيڪڏهن ڪنهن هڪ ميونسپل کٽي آهي پر پوري بدين ۾ ته نه کٽيون ويون آهن _ڪراچي آپريشن کي پ پ قبول ڪيو پر ڪجهه پارٽيون ان جي مخالف ڪري رهيون آهن

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button