مختصر خبرون

ماحوليات جي تحفظ واري کاتي پاران فيڪٽرين مان نڪرندڙ زھريلي گيس کي گھٽ ڪرڻ جي ھدايت

حيدرآباد: ماحوليات جي تحفظ واري کاتي ريجنل آفيس حيدرآباد جي انچارج منير احمد عباسي سپرهاءِ وي تي قائم نوري آباد ۾ پاور سمينٽ فيڪٽري کي مٽي ، دز، صحت لاءِ هاڃيڪار گئسن جي خارج کي گهٽ ڪرڻ لاءِ جوڳا انتظام نه ڪرڻ تي بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي_ ماحوليات جي تحفظ واري کاتي جي ريجنل آفيس حيدرآباد پارا ن اڄ جاري ڪيل هڪ پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڄاڻايل فيڪٽري کي ڪيترائي ڀيرا ان سلسلي ۾ چتاءُ ڏنو ويو ته هو صحت لاءِ هاڃيڪار زهريلي گئسن ۽ مٽي جي خارج کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ اپاءُ اختيار ڪري تنهن هوندي به فيڪٽري انتظاميه طرفان ان حوالي سان ڪي به انتظام نه ڪيا ويا جنهن سبب ماحوليات جي تحفظ واري قانون 2014 جي تحت فيڪٽري کي بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي ته جيئن ماحول کي گدلاڻ کان بچائڻ سميت ماڻهن، ٻوٽن ۽ جانورن جي تحفظ کي پڻ يقيني بڻائي سگهجي _
پريس پڌرائي ۾ حيدرآباد ريجن جي سمورن فيڪٽري مالڪن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته اهي هاڻ ماحول کي گدلاڻ کان محفوظ رکڻ لاءِ فيڪٽرين مان نڪرندڙ فضلي جي ٽريٽمينٽ ۽ زهريلي گئسن جي نيڪال کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ جوڳا انتظام ڪن ٻي صورت ماحوليات تحفظ جي قانون 2014 تحت سندن خلاف پڻ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button