مختصر خبرون

گڏيجي ۾ پي پي پي اميدوارن کي شڪست ڏينداسين، پي پي باغي اڳواڻ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنگورجا
يوسي گڏيجي ۾ پي پي جي باغي اڳواڻ ۽ يوسي جي چيئرمين جي اميدوار عاشق راڄپر ،عارف ڀيلار حاڪم علي راڄپر جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارين ۽ موٽرسائيڪلن جي ريلي ڪڍي طاقت جو ڀرپور مقابلو مظاهرو ڪيو وي سويڻ گاڏين جي ريلي گڏيجي شهر جو گشت ڪرڻ بعد هاءِ اسڪول گرائونڊ تي پهتي جي وڏو عوامي جلسو منعقد ڪيو جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي 31 آڪٽوبر تي عوام جي طاقت سان مخالفن کي شڪست ڏينداسين گڏيجي يوسي ڪنهن جي جاگير ناهي هي يوسي غريب مسڪين مظلوم ماڻهن جي آهي غلط فيصلا ڪري مفاد پرستن کي پي پي جون ٽڪيٽون ڏنيون ويون جنهن جي سزا عوام اليڪشن واري ڏينهن ضرور انهن کي ڏيندو .هن چيو آهي ته يوسي جي عوام جي مسئلن جي حل خاطر اسان بک هڙتالون ڪيو جنهن جي سزا ڏني پئي وڃي پر غريبن سان گڏ بيهڻ ڏوه آهي ته پوءِ اهڙو ڏوه آءَ بار بار ڪندو رهندس هن چيو ته پي پي انهن کي ٽڪيٽ ڏني جن ڪڏنهن به پارٽي لاءِ ڪابه قرباني ناهي ڏني پر اسان شهيد ذولافقار علي ڀٽي جي دور کان خانداني پيپلا آهيون جيل جون سختيون ڪاٽيون آهن پارٽي جي خاطر هاڻي مفاد پرست يوسي گڏيجي ۾ قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪن پيا پر اهو ٿيڻ نه ڏينداسين هن اعلان ڪيو ته يوسي گڏيجي ۾ پي پي پي اميدوارن کي شڪست ڏئي پي پي کي ووٽ ڪنداسين .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button