مختصر خبرون

هنڱورجا : ڳوٺاڻن کي احتجاج ڪندي 20 ڏھاڙا ٿي ويا، ڪنھن نوٽيس نه ورتو

هنڱورجا جي ڳوٺ سائينداد ڏهر جي رهواسين کي با اثر خلاف احتجاج ڪندي 20 ڏهاڙا گزري ويا ڪنهن به نوٽيس نه ورتو .تفصيل موجب هنڱورجا جي ڳوٺ سائينداد ڏهر جي رهواسين با اثر يار محمد پاران زرعي زمين تي قبضي جي خلاف ڳوٺاڻن الله بخش ڏهر ،روشن ڏهر جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن 20 ڏهاڙي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان جي ٻه ايڪڙ زرعي زمين تي با اثر قبضو ڪري اسان کي بي دخل ڪيو ويو آهي هنن مطالبو ڪيو آهي زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button