ھنڱورجا

عوامي طاقت سان فنڪشنل توڙي اتحادين کي عبرت ناڪ شڪست نصيب ٿيندي، نعيم کرل

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
BD Electionپي پي ايم پي اي نعيم کرل پي پي اميدوارن جي ڪاميابي لاءِ هنڱورجا ،رسول آباد، ۽ يوسي سڳيون جا طوفاني دورا ،واٽيه ،سهتا،ڀٽه چانگ ،ميمڻ ،شيخ سميت مختلف برادرين پاران پي پي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو پي پي پي ايم پي اي نعيم کرل هنڱورجا جي گل شاه غازي ،ڳوٺ واٽيه،ڳوٺ ڌڻي بخش ڀٽو ۽ ٻين هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پي پي سان مقابلو ڪرڻ ٻين پارٽين جي وس جي ڳالهه نه آهي پي پي جي خلاف ڪيترائي اتحاد ٺهيا پر عوامي طاقت سان فنڪشنل توڙي اتحادين کي عبرت ناڪ شڪست نصيب ٿيندي هن چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ پي پي جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي مخالفن کي 31 آڪٽوبر ڏهاڙي ميدان ڇڏي ڀڄڻ تي مجبور ڪندا هن چيو ته فنڪشنل مسلم ليگ جو سڄي سنڌ مان صفايو ٿي چڪو آهي .پي پي هميشه غريب عوام جي ڀلي لاءَءِ پروگرام ڏنا آهن اڄ به لکين عورتون وظيفو وٺي پنهنجي گهر جو چرکو هلائين پيون پر مخالفن عوام کي هن وقت تائين ڪجه به نه ڏنو آهي ڪهڙي منهن سان عوام کان ووٽ گهري رهيا آهن ووٽ وٺي وڃڻ کان پوءِ سالن تائين به عوام کي منهن نه ڏيکاريندڙن کي عوام ووٽ ڏيڻ جي غلطي نه ڪندو هن چيو فنڪشنل ليگ وارن اميدوارن کي ته ايجنٽ به نه ٿا ملن اهي پي پي سان ڪهڙو مقابلو ڪندا گڏجاڻين کي پي پي تعلقي صدر الهورايو خان چنه .هنڱورجا ٽائون جي اميدوارن حاجي نظام الدين منڱڻيجو ،حاجي محمد حسن ،لال ڏنو منڱڻيجو حاجي نبي بخش شيخ ،رسول بخش ڀٽو ،سليم شيخ پپو چانگ ،غفار چانگ ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو گڏجاڻي ۾ سهتا ،ڀٽا ،سولنگي ،چانگ ،شيخ ،برادرين پي پي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي ،

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button