ھنڱورجا

هنڱورجا: سيد غلام حسين شاهه جو ميڊيا ٽرائل بند ڪيو وڃي، حسيني جماعت

هنڱورجا: سيد غلام حسين شاهه جو ميڊيا ٽرائل بند ڪيو وڃي، حسيني جماعت
هنڱورجا: سيد غلام حسين شاهه جو ميڊيا ٽرائل بند ڪيو وڃي، حسيني جماعت

درگاهه حسين شاه قمبر واري جي گادي نشين سيد غلام حسين شاهه جي ميڊيا ٽرائل ۽ ان کي گٿالفظ ڳالهائڻ تي هنڱورجا ۾ جماعت اهلسنت ۽ حسيني جماعت جي ڪارڪنن تعلقي جي صدر عبدالرزاق سومرو، محمد آچر گلال، فاروق احمد ميمڻ، طارق سومرو، وسيم راجا حطار، فقير محمد حسن، فقير ثمر علي سومرو، ڍول فقير ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخي ناصر شاهه گيٽ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين سيد غلام حسين شاه جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين الزام لڳايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ شرپسندن سيد غلام حسين شاهه جي خلاف گٿا لفظ استعمال ڪيا شرپسند فرقيواريت کي هوا ڏيڻ لاءِ اهڙيون سازشون ڪري رهيا آهن جيڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. هنن چيو ته سيد غلام حسين شاه جي مٿان بم حملو ڪندڙ جوابدارن کي ڦاهي ڏني وڃي ۽ دهشت گردن توڙي شرپسندن جي حمايتي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي فوري طور تي معطل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button