زراعت

هنڱورجا ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ تيز طوفاني بارش انبن جي باغن کي شديد نقصان

Mangoesهنڱورجا ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ تيز طوفاني بارش انبن جي باغن کي شديد نقصان، باغاین جا مٿي تي هٿ اچي ويا، باغن جون انبڻيون ڇڻي ويون
تفصيل موجب هنڱورجا، رسول آباد، سمي، سڳيون ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ رات دير سان تيز طوفاني بارش شروع ٿيڻ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ نقصان انبن جي باغن کي پيو تيز طوفان سبب انبن جي باغن ۾ انبڻيون هوا لڳڻ ي ڪري ڇڻي هيٺ ڪري پيون جنهن جي ڪري انبن جا باغن ٺيڪي تي کڻندڙ واپارين توڙي مالڪن جا هٿ مٿي تي اچي ويا ڇو ته کين کي لکين روپين جو نقصان رسڻ خدشو آهي. هن ڏس ۾ انبن جي واپارين دين محمد چانگ، غلام عباس راڄپر ۽ ٻين ٻڌايو ته مسلسل تيز بارشن پوڻ جي ڪري انبن جي باغات کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي جنهن جي ڪري کنيل ٺيڪن ۾ وڏو نقصان رسڻ جو خدشو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button