ڪراچي

سنڌ هاءِ ڪورٽ وزيراعظم نواز شريف ۽ گهرو وزير خلاف نااهلي واري داخل درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي

سڪندر ڀٽو، ڪراچي
PMN & HM (640x310)
سنڌ هاءِ ڪورٽ وزيراعظم نواز شريف ۽ گهرو وزير چوڌري نثار خلاف نااهلي واري داخل درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي آهي عدالت ۾ درخواست گذار ايڊووڪيٽ مولوي اقبال حيدر پنهنجي داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته وزيراعظم پاڪستان ميان محمد نواز شريف اسلام آباد ڌرڻي ۾ عمران خان ۽ طاهر القادر آرمي چيف سان جيڪي ملاقات ڪئي هئي ان بابت وزير اعظم پاڪستان ملاقات بابت قومي اسيمبلي ۾ ۽ قوم سان آرمي چيف جي باري ۾ ڪوڙ ڳالهايو هو جيڪو آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جيڪي ڀڃڪڙي آهي تنهن ڪري وزير اعظم صادق ۽ امين نه رهيو آهي وزير اعظم کي نااهل قرار ڏنو وڃي ، عدالت ۾ درخواست گذار مولي اقبال حيدر اهو به موقف اختيار ڪيو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار احمد الام آباد ڌرڻي دوران ڌرڻي جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافين تي پوليس کان تشدد ڪرايوتنهن ڪري هن به آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ گهرو وزير به صادق ۽ امين نه رهيو آهن هن کي به نا اهل قرار ڏنو وڃي ، عدالت حڪم ڏيندي وزير اعظم نواز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار خلاف داخل درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي آهي عدالت اهو به حڪم ڏنو آهي ته اهڙي قسم جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي تنهن ڪري هاءِ ڪورٽ ان جي ٻڌڻي نه ٿي ڪري سگهي جيڪڏهن درخواست گذار چاهي ته هو سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ درخواست ۾ ڌر ٿي سگهي ٿو يا سپريم ڪورٽ ۾ الڳ درخواست به داخل ڪري سگهي ٿو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button