سنڌي ادب

گنجي ٽڪر جو سير

سيد ميران محمد شاه
Crowsnest_Mountain_2010
ڪاري رات پرهه ڦٽي پرڀات کان موڪلائي، پنهنجي مڪان ڏي موٽي رهي هئي. پکي پکڻ ماڻهو مرون، ننڊ نيڻان ڪڍي پاڻ واحد جي واکاڻ ۾ رنڀائي ۽ ريجھائي رهيا هئا. ڪانوَن جي ڪان ڪان، ڪبوترن جي ڪُو ڪُو، چَتن جي چهه چهه ۽ هيڙهن جي هُو هُو. غافل کي ننڊ حرام ۽ بستر ناڪام ڪري ڏنو هو. اهڙئَ روح کي راحت ڏيندڙ سيني کي سرور بخشيندڙ ساعتَ سيد کي سير ۽ سوارئَ جو شوق دل ۾ پيدا ٿيو. خاوند جي خدمت کان خالي ٿي، صحبتين سان صلاح ڪري، سير جو سامان تيار ڪري ويچار ۾ رهياسين ته ڪهڙي مڪان بهشت سمان جو ديدار فرحت آثار حاصل ڪري. دل بهلائجي ۽ روح ريجھائجي. انهن خيالن ۾ غلطان محو ۽ مستان هئاسين ته هڪ ڪارن ڪڪرن جي قطار ۽ گوڙ جي گجگوڙ آسمان ۾ نظر آئي. جنهن سورج جي ساڙيندڙ ڪرڻن جي ڳڻتي گنوائي ههڙو جھڙ جھڙالو ڏسي سڀني مت ڏني ته (( گنجي پيرن جي منجي ( کٽ ) )) جي گھمڻ جو ارادو ڪجي، پڪو وعدو ڪجي. آخر گھوڙا گھرائي سنج رکائي، گنجي جو گس ورتوسين.
تان جو هڪ مقبري کي جو جبل جي دامن وٽ آهي اتي پهتاسين. هي مقبرو درگاهه اولياءَ حضرت عبدالرحمان سرهندئَ جو آهي. اولياءَ جي زيارت ڪري، مجاورن جي سنڀال هيٺ گھوڙا ڍاري، جبل جي چوٽئَ تي چڙهڻ شروع ڪيوسين. اُتاهين هئي اوچي، تنهن تي چڙهياسين ته نمي ۽ نوچي، پر نه هو لڪ نه لانگھو، وري سر جو سانگو. سو ڏونگر جي ڏاڪڻ ڏاڍي ڏکي نظر آئي. پر اسين مرد ميدان، جوڌا جوان هئاسين، سو هرگز نه موٽياسين، تان جو ٿڙي ٿڪي، جھڄي جُهري، اچي ڪوهه جي ڪنڌ تي ڪڙڪياسين.
جان کڻي ڪنڌ ڦيرايون ته واه! عجب عجب عالم نظر آيو، جنهن سڀ ڏک ڏاکڙو وڃايو.
پهريائين ته ڀانيوسين ته ڪنهن عالم روحانئَ ۾ مَلڪن مهماني ڪئي اٿئون، يا موليٰ مهر ڪري جيئري جنت جو جلوو پسايو اٿئون. پر خوض ۽ خيال بعد هوش ۽ حواس حامي ٿيا!
جنهنڪري پروڙيوسين، ته نه ٻيلي ساڳئي گنجي ٽڪر تي کڙا آهيون، جو اڳي گنجو يا ٺوڙهو نظر ايندو هو، پر هاڻ برسات برسي، بهار لائي، گنجي کي گلزار بڻائي ڇڏيو آهي.
ڏٺوسين ته مندائتن مينهن رڻن ۾ ريج ڪري اوڀر اوڀاري، جبل کي جنسار ۾ آڻي ڇڏيو هو.
ڇا هيٺاهين. ڇا کوهه، ڇا کڏ، ڇا لڪ ڇا لانگھو، ڇا راه ڇا رَند سڀ اهڙا ته سرسبز ۽ ساوا نظر آيا ٿي، جو ڄڻ قدرت جي ڪنوار پنهنجي سينگار لاءِ، سائي ساڙهي بڻائڻ جو ارادو ڪيو هو، وري ان سائئَ سطح تي جا رنگ برنگ گوناگون گلن جي جھڳمڳ ۽ جھرمر. تنهن هيڪاري مٿئين خيال جي تصديق ڪئي ٿي. ڇو ته سائي سطح جي ساڙهئَ تي قسمين قسمين گلن، لعلن، هيرن ۽ جعفرن جي جوت جتائي ٿي. گاهن ۽ گلن جا قسم ايترا، جو ڳڻي ڳڻجن ڪيترا.
ڊامڻ ۽ ڊڀور، تل ۽ تراين جي ڪنار سبزه زار بڻائي هئي. للر ۽ لَنب، جبل جي جسم کي جامہء زمردين پهرائي عجب گلڪار لڳائي هئي. نرم نرم وٽائتئَ زمين تي موٺ ۽ مکڻين جي موج هئي. جتي ڪٿي ميها ۽ مُنگها پوڄ، جبل جي ميدان تي وري ڪي ڇوٽيون ڇوٽيون ٽڪريون نظر آيون ٿي. جن مصر جي مخروطي منارن جي ڏيکائي ڏني ٿي. اهي منارا ته هوندا پٿر جا، پر هي ٽڪريون ريشم روءِ، نفيس ۽ نرم، سسئئَ جي پٿر جي ساوڪ سبب زمرد جون جڙيل نظر آيون ٿي. ڌنار کٿورئَ پنهنجي خوشبوءَ ۽ خستوري پٽن تي پکيڙي مارو ماڻهن جو مغز معطر ڪيو ٿي. ڳاڱون ۽ ڳاڱا، ڳم ۽ ڳنڍير، سڀ بوند برسِي بود ۾ آندا هئا. سائي سهڻي ميدان تي قسمين قسمين رنگ برنگ جھنگلي گل هئا. جي ٿڌن ٿڌن جھوٽڪن تي نچي ٽپي رهيا هئا ۽ مسافرن جي محنت ۽ ماندگي مِٽائي رهيا هئا.
انهئَ قدرت جي عجيب نظاري اسان جي دلين ۾ خوب خوشي اٿاري ۽ اسان جي جسم ۾ نئين سر جان جياري. جبل جي جاکوڙن جي ڪري، اُڃ جي اُساٽ هئيسين. سو پاڻي پيئڻ جي ارادي سان ڪنهن چشمي جي ڳولا ۾ هلياسين، تان جو پري کان هڪ ڇن جي ڇاڇر تي نگاهه پيسين، پر جان ويجھا وڃي ڏسون ته مار! مينهن جي مسلسل مانڊاڻ ۽ پر پراڻ جي ڪري پلر اهڙي ته پالوٽ ڪئي هئي، جو چڪ کان چارو نه ٺهي. جو اُڃ اجھائجي. آخر ٻئي طرف رخ رکيوسين تان جو هڪ تل جي ويجھو وڃي پلر جو پاڪ ۽ صاف پاڻي پي ڍؤ ڪيوسين. ناشتو جو پاڻ سان آندو هوسين، سو به نوش جان ڪيوسين. اڃا اتي ٿڌڪار ۾ ويٺي ٿڪ ڀڳاسين، ته ٽلين جي ٽڻ ٽڻ ۽ چڙن جي چڻ چڻ جو آواز ڪن تي پيو. انهئَ مٺئَ مٺئَ ٽلين جي ٽڻ ٽڻ سان گڏ وري نڙ ۽ ريڍار جي روح ريجھائيندڙ رڙ از حد آرام ڏيئي ڇڏيو. ٿوري وقت ۾ ڏٺوسين ته ويجهئَ ٽڪرئَ جي چوٽئَ تان ٻڪريون ٻيٻراٽ ۽ رڍون رڙاٽ ڪنديون لهڻ لڳيون، تان جو اچي ٻار ۾ ٻوٿ ٻوڙيئون ۽ پلر پيتئون. ٻڪرار ۽ ريڍار به هش هش ۽ ڊرڪو ڊرڪو ڪندا اچي سهڙيا. ٿوري وقت کان پوءِ ميهارن مينهون ڪاهي، ڳنوارن ڳئون گھمائي، اچي پلر جو پاسو ورتو. سڀ مال پاڻي پي، پاهه پٽڻ ۽ چاهڪ گاهه چرڻ لڳو. اسان ۽ ڌنارن پنهنجي منڊلي مڃائي. ڪنهن نڙ وڄايو، ڪنهن بانسرئَ کي بڻايو. ڪنهن سورٺ، ڪنهن ڪڇيو سر ڪاپات. ڪو مورو چوڻ ۾ مست ۽ ڪنهن ڇَلي ۾ ڪيو ڇيهه. ڪنهن سارنگ ڳايو. ڪنهن لوڙائي جي ڪئي لات، اهڙي مٺي آواز، سريلي ساز، ڌنارن کي وجد ۾ آڻي ڇڏيو ۽ قلندرن وانگر جھمريون پائڻ، نچڻ ۽ ٽپڻ لڳا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button