ٻارن جي دنيالطيفا

کل ته سھي

extreme-laugh-hiھڪ دفعي ٽي ڄڻا سفر ڪري رھيا ھئا، ھڪ آمريڪي، ٻيو روسي ۽ ٽيون پاڪستاني.
آمريڪي چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ھوائي جھاز آسمان سان صفا گسي ڪري ھلندا آھن، روسي ۽ پاڪستاني رڙ ڪري چيس صفا گسي ڪيئن ھلندا آھن ته آمريڪي چيو ادا ٿورو ھيٺ.
روسي چيوته اسان جي ملڪ ۾ سامونڊي جھاز سمونڊ ۾ صفا ھيٺ زمين سان گسي ھلندا آھن، ته آمريڪي ۽ پاڪستاني رڙ ڪري چيس صفا گسي ڪيئن ھلندا آھن؟ ته روسي چيو ته ٿورو مٿي.ھاڻي پاڪستاني جو وارو آھي، پاڪستاني ٻڌاين ته اسان جي ملڪ ۾ ماڻھو نڪ سان ماني کائيندا آھن ته ٻنھي رڙ ڪري چيس ته اھو ته ممڪن ئي ڪونھي ته پاڪستان جواب ڏنن ته ٿورو ھيٺ.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button