ھنڱورجا

رسول آباد واقعو: ايف آءِ آر باجود جوابدار گرفتار نه ٿيا، جوابدار ڌمڪيون پيا ڏين، بابو ميمڻ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا

رسول آباد واقعو: ڏوهاري پوليس کان ڏاڍا ٿي ويا، قانون اڃان تائين چرپر ۾ نه آيو، ڪيس داخل
رسول آباد واقعو: ڏوهاري پوليس کان ڏاڍا ٿي ويا، قانون اڃان تائين چرپر ۾ نه آيو، ڪيس داخل
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان ٿيل ناحق واري ايف آءِ آر بابو ميمڻ جي فرياد تي چار سڃاتل ۽ 3 اڻ سڃاتل جوابدارن جي خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ جو قسم کڻي ڇڏيو جو هن وقت تائين پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ انهن جي درن تي به نه وئي آهي. رسول آباد سانحي جي فريادي بابو ميمڻ ٻڌايو ته پوليس منهنجي مرضي موجب ته ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي پر جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري جنهن جي ڪري جوابدار موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هوڏانهن پ پ اڳواڻ سردار الاهي بخش خان ٻانڀڻ رسول آباد پهچي متاثر نياڻين کي اجرڪ پارايا ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن اهڙو ڪڌو ڪم ڪري سنڌ جي تاريخ کي داغدار بڻائي ڇڏيو آهي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وزيراعلي سنڌ سان ڳالهايو ويندو. ٻئي پاسي هنڱورجا ۾ سگا جي سڏ تي رسول آباد واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ عبدالسميع ڀنڀرو، غلام شبير تنيو، آفتاب ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. اڳواڻن چيو ته جوابدار کي پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جنهن جي ڪري جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن جوابدار جلد گرفتار نه ڪيا ويا ته سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. ٻئي پاسي سنڌ ميمڻ اتحاد جي سربراهه حاجي عبدالرزاق ميمڻ ، احمد ميمڻ، قمر الدين ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته رسول آباد سانحي ۾ ميمڻ برادري جي 4 نياڻين سان وحشي ڪاروائي واري واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن گرفتار ڪري سخت سزا ڏيارڻ لاءِ 13 جولاءِ تي ميمڻ برادري پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button