باڊھ

باڊھ: لوڊشيڊنگ، مهانگائي، پاڻي جي کوٽ ۽ ڌاريا آبادڪاري خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران مظاھرو

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

باڊھ: لوڊشيڊنگ، مهانگائي، پاڻي جي کوٽ ۽ ڌاريا آبادڪاري خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران مظاھرو
باڊھ: لوڊشيڊنگ، مهانگائي، پاڻي جي کوٽ ۽ ڌاريا آبادڪاري خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران مظاھرو

قومي عوامي تحريڪ پاران باڊهه ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ، مهانگائي، پاڻي جي کوٽ توڙي ڌاري آبادڪاري خلاف مقصود سومرو، منصور منگي، زاهد منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باڊهه پريس ڪلب وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته سڄي سنڌ جي انتظامي مشينري مفلوج بڻائي وئي آهي ۽ چونڊيل نمائندا عوام جي خدمت ڪرڻ بدران ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آهن هنن چيو ته بجلي هٿرادو لوڊشيڊنگ توڙي پاڻي جي کوٽ سبب سنڌي عوام جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو آهي، جڏهن ته مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي هنن چيو ته هاڻي عوام انقلاب لاءِ تيار ٿئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button