مورو

وانا جي ٻاهران ڪئمپون هنيون وڃن آءِ ڊي پيز کي سنڌ ۾ امداد ڏيئي نه رهايو وڃي، جساف

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،مورو.
IMG_0297 (640x248)وانا وزيرستان ۾ فوجي آپريشن ڪري دهشتگردن کي چٿڻ ۾ حڪومت جي سنجيده آهي ته وانا جي ٻاهران ڪئمپون هنيون وڃن انهن کي سنڌ ۾ امداد ڏيئي نه رهايو وڃي ڇاڪاڻ ته جيڪي پناهگير 1500 ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڌاريا ڪراچي ۾ جيڪي اچن ٿا اهي وانا وزيرستان ۾ ڪنهن به صورت ۾ واپس وڃڻ لاءِ نه آهي ٿيندا اهڙن خيالن جو اظهار جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ رابطا ڪاميٽي جي ميمبر عبدالفتاح چنا جساف جست جي مرڪزي اڳواڻ حمز علي چانڊيو سان ڀاءَ جي وفات تي تعزيت دوران مورو ميڊيا جي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته پ پ حڪومت 2010 تي ٻوڏ متاثرين جيڪي جيڪب آباد دادو خيرپور ميرس، نوشهروفيروز ۽ ٻين شهرن کان ڪراچي ۾ اچي ڪئمپن ۾ رهيا هئا انهي تي پ پ حڪومت گوليون هلايون جنهن جي ڪري ڪيترائي ٻوڏ متاثرين زخمي ٿيا ۽ ٻه ڄڻا شهيد ٿي ويا سنڌي کي پنهنجي ڌرتي تي بي يارو مددگار ڪيو ويو پر هاڻي ڌاريا جيڪي دهشتگرد آهن انهن کي سنڌ ۾ رهائڻ لاءِ آباد ڪرڻ جي لاءِ وڏو وزير روز بيان ڏيئي رهيو آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪنهن وزير يا وڏيري جي جاگير نه آهي جو اهو ڌاريا آباد اچي سنڌ ۾ ڪري 9 جولاءِ تي ثابت ٿي ويندو ان موقعي تي جست اڳواڻ اشرف لغاري، ساهنواز ڀٽي، ابرار ميمڻ، پريم سنڌي، اظهر سنڌي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button