ھنڱورجا

رسول آباد: اجتمائي لڄالٽ جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ٻئي ڏهاڙي به مڪمل هڙتال

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

ھنڱورجا: جسقم جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري متاثر عورتب کي اجرڪ اوڍائيندي
ھنڱورجا: جسقم جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري متاثر عورتب کي اجرڪ اوڍائيندي

رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ محمد پريل عرف بابو ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ چار عورتن سان ٿيل اجتمائي لڄالٽ جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ٻئي ڏهاڙي به رسول آباد شهر ۾ مڪمل هڙتال ڪري سمورو ڪاروبار بند ڪيو ويو جڏهن ته جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر ، ايوب لاشاري، علي عثمان ميمڻ، سنڌ ميمڻ اتحاد جي قمر ميمڻ، احمد ميمڻ، راهب ميمڻ، عبدالقادر ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهبر چوڪ کان سوين ماڻهن احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد رهبر چوڪ تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. اڳواڻن چيو ته هوٽل مالڪ محمد پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل لکين روپين جي ڌاڙي ۽ 4 عورتن سان اجتمائي لڄالٽ ۾ ملوث 7 جوابدارن مان پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي ٻيا جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن جڏهن ته اهو ڪيس به پوليس پنهنجي مرضي موجب داخل ڪري فريادي محمد پريل سان ناانصافي ڪئي وئي آهي. اڳواڻن چيو ته نئين ايف آءِ آر داخل ڪري جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاجي جو دائرو وڌايو ويندو جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر ميڊيا سان ڳالهائيندي بابو ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ عورتن سان ٿيل اجتمائي لڄالٽ جي جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ جي خلاف 9 جولاءِ تي ايس ايس پي خيرپور جي آفيس جو گهيراءُ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو ته جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته جسقم پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو. سنڌ ميمڻ اتحاد جي ضلعي خيرپور جي اڳواڻ احمد ميمڻ، قمر ميمڻ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 9 جولاءِ تي ٺيڙهي باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هڪ سازش تحت ميمڻ برادري کي نشانو بڻايو ويو آهي سنڌ ميمڻ اتحاد جي طرفان سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

JSQM

جسقم جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ بابو ميمڻ جي گهر پهچي اجتمائي لڄالٽ جو شڪار ٿيل چار عورتن مسمات شازيا، ڪائنات ، آسيا ۽ سپنا کي اجرڪون اوڍايون ته ان وقت ڏکارو ماحول پيدا ٿي ويو. متاثر عورتون جسقم اڳواڻ جي سامهون اوڇنگارو ڏئي روئنديون رهيون ۽ جسقم اڳواڻن کي مدد ڪرڻ لاءِ هٿ ٻڌي مسلسل دانهون ڪنديون رهيون. اتي موجود ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجي اکين مان لڙڪ روڪي نه سگهيا. ان دوران جسقم اڳواڻ امجد مهيسر ۽ ٻين متاثر عورتن جي مٿن تي هٿ رکي وچن ڪيو ته اوهان جون عزتون لٽيندڙ ڏوهارين کي ضرور قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي.

Protesting at Rasoolabad
Babu
ايس ايس پي خيرپور عثمان غني رسول آباد ۾ عورتن سان لڄالٽ واري واقعي بابت وڌيڪ تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ هوٽل مالڪ بابو ميمڻ کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي کيس چيو ته اوهان جي ڏوهه ۾ 4 ماڻهو ملوث آهن ٻي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ سان ڪيس متاثر ٿيندو. هوٽل مالڪ بابو ميمڻ ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو ته ايس ايس پي خيرپور ڪوڙا دلاسا ۽ ڏٽا ڏئي واپس ڪري ڇڏيو آهي. خدا جي واسطي مون سان انصاف ڪيو وڃي. منهنجو سڀ ڪجهه لٽجي ويو آهي. هن چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي ته معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.
CM
وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاه رسول آباد ۾ محمد پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ چار عورتن سان ٿيل لڄالٽ واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر کي جاويد عالم اڍو کي هڪ هفتي اندر مڪمل طور تي سموري معاملي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button