ھنڱورجا

وومين ايڪشن فورم ۽ عورت فائونڊيشن جي وفد روبينا چانڊيو جي اڳواڻي ۾ متاثر خاندان سان ملاقات ڪئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا

وومين ايڪشن فورم ۽ عورت فائونڊيشن وفد روبينا چانڊيو جي اڳواڻي ۾ متاثر خاندان سان ملاقات ڪئي
وومين ايڪشن فورم ۽ عورت فائونڊيشن وفد روبينا چانڊيو جي اڳواڻي ۾ متاثر خاندان سان ملاقات ڪئي

رسول آباد ۾ پريل ميمڻ جي گهر ۾ گهڙي ڦرلٽ ڪرڻ بعد چئن عورتن سان جنسي ڏاڍائي واري واقعي بابت ڄاڻ وٺڻ لاءِ وومين ايڪشن فورم، عورت فائونڊيشن ۽ پرڀات وومينز ڊولپمنٽ سوسائٽي جي ٽيم روبينا چانڊيو، مراد پندراڻي، جمال ڪالادي ۽ صائمه بلوچ جي اڳواڻي ۾ متاثر ٿيل خاندان سان ملاقات ڪئي، ان کان علاوه ڄاڻايل واقعي جي حوالي سان ايس ايس پي خيرپور عثمان غني، متاثر ڌر جي وڪيل نثار ڀنڀرو ۽ ان معاملي بابت جدوجهد ڪندڙ ڪاميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪري تفصيل ورتي وئي، ٽيم هن دردناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت جي عورتن جي ترقي جي وزارت ۽ عورت اسيمبلي ميمبرن طرفان پرگهور نه لهڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته هن واقعي جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي ۽ واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن جي گرفتاري يقيني بڻايو وڃي، هنن چيو ته هن واقعي جي پويان ڪيترا به سگهارا ۽ مضبوط هٿ هجن انهن کي معاف نه ڪيو وڃي، هنن سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي اپيل ڪئي آهي ته هن واقعي جي شديد مذمت ڪن ته جيئن متاثر خاندان کي انصاف جي فراهمي ممڪن بڻجي سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button